ڳڙهي ياسين (ن پ ا) ڳڙھي ياسين واسي ڪراچي جي نجي ڪمپني جو سيڪيورٽي انچارج مظفر شاهه عرف گجو شاهه کي ڳڙھي ياسين جي ڊکڻ ناڪي تان نامعلوم ڪار سوار مبينا طور کنڀي ويا آهن، پوليس جو چوڻ آهي ته گجو شاهه کي اسان گرفتار نه ڪيو آھي ۽ نه ئي اسان وٽ ٻئي ڪنھن حد جي پوليس گرفتاري جي داخلا رکرائي آھي.