مٽياري (رپورٽ: ڪامران ميمڻ) مٽياري ۾ منشيات فروشي جي الزام هيٺ ٻن اي ايس آئيز سميت 7 اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ ايس ايس پي منشيات وڪري الزام ٻن اي ايس آئي سميت ستن پوليس اهلڪارن معطل ڪري ڇڏيو، معطل ٿيل پوليس اهلڪارن مٿان کاتيدار ڪارروائي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ايس ايس پي مٽياري آصف احمد ٻگھيو پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب هٽايلن ۾ اي ايس آئي شوڪت ملوکاڻي، اي ايس آئي غلام مصطفي لاکو، ڊي آئي بي برانچ بيٽ شاھپوردرپور انچارج، ان کان سواءِ محبوب علي حاجاڻو ڊرائيور هالا پوليس موبائل نيوسعيدآباد ٿاڻي تي مقرر ٿيل منظور جمالي ۽ محمد اقبال ميمڻ شامل آهن، ان ڏس ۾ ايس ايس پي مٽياري آصف احمد ٻگھيو جو چوڻ آهي ته ضلعي ۾ جتي ڪو پوليس اهلڪار منشيات وڪري ڪرڻ ۽ انهن جي سپورٽ ۾ ظاهر ٿيو ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، هٽائيل ڪو به اهلڪار هيڊ ڪوارٽر نه ڇڏيندو.