ڪنري (ن پ ا) ٽائون ڪاميٽي ڪنري جي انتظام هيٺ اڌ صدي اڳ شھر جي امير آباد پاڙي ۾ قائم ڪيل نياڻين جو سلائي سينٽر انتظامي لاپرواھي سبب بي لاڀ بڻيل آهي، سينٽر ۾ پيل سلائي مشينون مڪمل طور تي تباهه ٿي ويون آهن، جڏهن ته ڪرسيون، ٽيبل ۽ ٻيو فرنيچر پڻ ختم ٿي ويو آھي، جڏھن ته عمارت جي مرمت نه ٿيڻ سبب ڀوت بنگلي جا منظر پيش ڪري رهي آهي، سينٽر جي ھڪ ڪمري جي ڇت ڪري پئي آهي، جڏهن ته ڪمرن جون دريون ۽ دروازا ٽٽي ڀڄي ڀورا ٿي ويا آھن، عوامي شڪايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري غير فعال سينٽر جو دورو ڪري تفصيل ورتا، ٻئي پاسي ايڊمنسٽريٽر ٽائون ڪاميٽي ٻڌايو ته سينٽر ڪافي عرصي کان غير فعال آھي، سينٽر تي مقرر هڪ عورت انچارج ۽ چوڪيدار کي پگھارون جاري ڪيون ٿا، باقي اسان حڪومت کي لکيو آھي پر ڪو به تدارڪ ناهي ٿيو.