خيرپور (رپورٽر) ڊپٽي ڪمشنر خيرپور ڊاڪٽر شرجيل نور چنا خيرپور ضلعي ۾ قائم ڪچين ۽ مستقل آبادين صوبائي، وفاقي اثاثن ۽ ايراضيءَ جي پڙتال ڪري رپورٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪندي ان سلسلي ۾ جوڙيل ڪاميٽيءَ کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي ته جيئن صوبائي حڪومت جي پاليسيءَ تحت مالڪاڻا حق ڏيڻ لاءِ لائحه عمل تيار ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي. ڊي سي خيرپور چيو ته سموري ڪچي آبادي جي ايراضي بابت مڪمل رپورٽ فراهم ڪئي وڃي. لاڳاپيل کاتن جا آفيسر توڙي نمائندا گڏيل طور سروي ۽ پڙتال ڪري تفصيل فراهم ڪن. ان موقعي تي سروي سپرنٽينڊنٽ، اسسٽنٽ ڪمشنر، لوڪل گورنمنٽ سميت ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن پاران ڪچي آبادي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.