ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ فريئر هال سامهون 20 ماڙ رهائشي منصوبي ( پلازا) جي اڏاوت روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،  پلازا جو لاڳاپيل رڪارڊ طلب، ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران درخواست گذار حميد هارون جي وڪيل فيصل صديقي چيو ته فريئر هال تاريخي ورثو آهي، جيڪو  يونيسڪو جي لسٽ ۾ شامل آھي، فريئر هال جي چوڌاري 200 فوٽن جي مفاصلي تائين وڏي عمارت ٺاهي نٿي سگهجي،  فريئر هال ڀرسان پلاٽ نمبر 6/1 شيٽ CL-6 تي غير قانوني طور  20 ماڙ عمارت ٺاهي پئي وڃي، بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي  3165 والن جي پلاٽ تي  پلازا اڏڻ لاءِ غير قانوني اين او سي جاري ڪئي آھي، جڏهن ته ايس بي سي اي جي منظوري کان اڳ سنڌ ھيريٽيج ڪاميٽي ۽ ماحولياتي اداري سيپا جي منظوري ضروري هئي، عدالت 15 مارچ تائين اڏاوت روڪڻ جو حڪم ڏيندي لاڳاپيل رڪارڊ طلب ڪري ورتو