ڪنري (ن پ ا) ڪنري ڀرسان ھاڪڙي ڍوري ۾ پاڻي جي چاڙھ، انتظاميا پاران ڍوري کي ڪٽ ڏيڻ جون تياريون، پاڻي ٿر جي بئراجي علائقي ڏانھن ڇوڙ ڪيو ويندو، 10 کان وڌيڪ  ڳوٺ ٻڏڻ جو خدشو، ڳوٺاڻن پاران احتجاج جو چتاءُ خبر موجب ڪنري ڀرسان گذرندڙ ھاڪڙي درياءُ ۾ پاڻي جي چاڙھ ۾ مسلسل واڌ ٿي رھي آھي ڪافي ڳوٺ پاڻي جي گھيري ۾ اچي ويا آھن، ٻئي پاسي آبپاشي کاتي پاران نبي سر ٿر ويجھو ڳوٺ راڄاري وٽ ھاڪڙي کي ڪٽ ھڻڻ جون تياريون شروع ڪيون ويون آھن. درياءُ کي ڪٽ ڏيڻ لاءِ مشينري پھچي وئي آھي ۽ ابتدائي طور تي 12 فٽ نالو ٺاھيو پيو وڃي جنھن ذريعي پاڻي ڇوڙ ڪيو ويندو. ڪٽ ھڻڻ سبب ڳوٺ راڄاري وٽ ڪٽ ھڻڻ بعد راڄاري، سمان، پنھون ڀيل، راڄر، ميڙھ، سميت 10 کان وڌيڪ ڳوٺن جا 300 کان مٿي گھر متاثر ٿيندا. ايس ڊي او آبپاشي قمرالدين موجب ته ھاڪڙي ڍوري کي ڪٽ ڏئي ھاڪڙي جو پاڻي ٿر ڏانھن ڇوڙ ڪيو ويندو جئين ڍوري ۾ پاڻي جي گھٽتائي اچي سگھي. ٻئي پاسي متاثر ٿيندڙ ڳوٺاڻن پاران انتظاميا خلاف سخت ردعمل ظاھر ڪندي اڄ ڪٽ واري ھنڌ سخت احتجاج ۽ ڌرڻي جو سڏ ڏنو ويو آھي. ٻئي پاسي ڳوٺ وانڪل جو گيھڙ وٽ ھاڪڙي جو پاڻي موري تان اوور ٽاپ ٿي رھيو آھي جنھن سبب مقامي ڳوٺاڻا ۽ مسافر سخت پريشانين کي منھن ڏيڻ تي مجبور آھن.