ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه اچي سگهيو، دوداپور ويجهو ڳوٺ جعفرآباد بليدي ۾ گيسٽرو سبب نوجوان مينهون ميرالي فوت ٿي ويو. اڪري چودڳيءَ ويجهو کنياري واسي 35 سالن جو اختيار چنو ۽ ڳوٺ ڪرم علي شر واسڻ پيرسن ساعٿان شر فوت ٿي ويا. دادو اسپتال ۾ گيسٽرو سبب جوهي واسي نوجوان سوز علي لغاري ۽ دادو ڀرسان ڳوٺ محمد صالح جو رهواسي ممتاز علي فوت ٿي ويا. ميھڙ جي ڳوٺ محمد حسن چانڊيو جو رھواسي پيرسن امير چانڊيو عرف وڏو فقير گيسٽرو سبب پڻ فوت ٿي ويو .واهي پانڌي ۾ جوهي کان آيل ٻوڏ متاثر ڏنگڙي جي رهواسي منظور بروهي جي 12 سال جي ٻارڙي زبيده بروهي  گيسٽرو هجڻ سبب واهي پانڌي اسپتال آندو جتي ڊاڪٽر موجود نہ هجڻ ڪري گيسٽرو وگهي تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي.ڀرياسٽي ڀرسان ڳوٺ گل محمد بلر ۾ گيسٽرو وگھي پيرسن ٽوھ بــلر فوت ٿي ويو.  پيرجوڳوٺ جي سالار پاڙي ۾ 8 ورهين جي رحمانا ڌيءَ نذير ڌاريجو گيسٽرو وگهي فوت ٿي وئي. قمبر ۾ گيسٽرو تي ڪنٽرول نه ٿي سگهيو، 100 کان وڌيڪ مريض جن ۾ اڪثريت ٻارن ۽ عورتن جي آهي اسپتال آندو ويو.