ڪلچر جا ڪوئلا ۽ ثقافت جا هيرا

0
274
خوف جو خاتمو ...!!

  اها حقيقت هاڻي اسان سڀني جي سمجهه ۾اچي وئي آهي ته ثقافت صرف لباس تائين محدود ناهي. ثقافت ۾ تهذيب ۽ تمدن جا سمورا روپ سروپ اچي وڃن ٿا. ثقافت ۾اسان جا گيت، سنگيت، اسان جون ريتون، رسمون، اسان جا ساٺ سنئوڻ، اسان جون اميدون ۽ انديشا، ان ۾ اسان جون خوشيون ۽ خوف سڀ شامل آهن. جيڪڏهن اسان ثقافت جي اصل روح کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته اسان کي اهو به سمجهه ۾ ايندو ته ثقافت ۾ جيڪي شيون ظاهري ڏيکاءَ ۽ نمائش جون آهن، اهي ته ثقافت يا ڪلچر جو جسم آهن. ثقافت ۽ ڪلچر جو اصل روح ته اها سوچ ۽ سمجهه آهي،جيڪا اسان جي روايتن ۽ روين ۾ پنهنجو اظهارڪري ٿي. اسان جيستائين پنهنجيون سوچون ۽ پنهنجا خيال بهتر نه ڪندايسن، تيستائين اسان جي ثقافت ۽ اسان جو ڪلچر نکري نروار ٿي ۽ اسان جي لاءِ باعث فخر بڻجي نه ٿو سگهي. اسان آخر ڪيستائين لٽن، ڪپڙن ۽ رقصن توڙي گيتن جو نماءُ ڪنداسين؟

قومن جو اصل ڪلچر ته انهن جي تاريخي شعور مان ايئن ڦٽي نڪري ٿو، جيئن پهاڙن جي چوٽين تان پاڻيءَ جا جهرڻا ۽ آبشار ڦٽي نڪرن ٿا. قومون لباسن جي ڪري نه ٿيون ترقي ڪن ۽ نه وري انهن جا گيت سنگيت انهن کي سگهارو ڪن ٿا. جيڪڏهن هن مهل اولهه جا سائنسي ادارا پنهنجن ماڻهن جي تربيت ڪري انهن کي دور خلائن ۾ موڪلين ٿا ۽ چنڊ جهڙي سوني سياري تي پنهنجي ملڪ جو پرچم کوڙي اچن ٿا ته اهي خلاباز سوٽ، پينٽ ۽ ٽاءِ پائي ڪونه ٿا وڃن. ظاهر آهي ته انهن جو لباس الڳ آهي. هو پنهنجو قومي لباس پائي خلا ۾ وڃڻ جو ته سوچي به نه ٿا سگهن. انهن کي خلائن جي تسخير لباس جي ڪري حاصل نه ٿي آهي يا هو جهڙي ريت ڀٽائيءَ جي لفظن ۾ “منهن ڪائو” ڏئي سمونڊن جي اوناهين ۾ وڃن ٿا ته ان مهل به انهن جو لباس الڳ هجي ٿو.

ان دليل جو مطلب اهو ناهي ته لباس يا ٻولي يا ان ٻوليءَ ۾ ڏنل امڙ جي لولي اهم ناهي. بلڪل اهم آهي پر اهي شيون ڪلچر جي حوالي سان ڪافي ناهن. ڪلچر هڪ سوچ، سمجهه ۽ انهن عملن جو نالو آهي، جيڪي اسان کي وقت جي سفر ۾ منزلون ماڻڻ لائق بڻائين ٿا. اسان کي اهو به سمجهڻ گهرجي ته ڪلچر ڪو بيٺل پاڻي ناهي. ڪلچر ته سنڌو درياءَ وانگر سدائين ڇلندڙ ڇوليون هڻندڙ ۽ وهندڙ وٿ جو نالو آهي. اهو ئي سبب آهي ته ڪلچر جي نالي ۾ جيڪي بريون ڳالهيون ڪالهه اسان جي اجتماعي ذات جو حصون هيون، اهي اڄ اسان پنهنجي قومي جيون مان ڪٽي اڇلائي ڇڏيون آهن. هاڻي اسان کي ڪلچر جي نالي ۾ “ڪارو ڪاريءَ” جي قاتل رسم ڪنهن به طور تي قبول ناهي. هڪ وقت اهڙو به هو، جڏهن اسان “ڪارو ڪاريءَ” کي به ڪلچر سمجهندا هئاسين يا ڪجهه ماڻهو ان کي اسان جي ثقافتي غيرت بڻائي پيش ڪندا هئا پر هاڻي اسان “ڪارو ڪاريءَ” کي غيرت جو بيغيرت تصور سمجهون ٿا.

ڪالهه اسان جوڪلچر اسان کي منع ڪندو هو ته اسان نياڻين کي نه پڙهايون پر هن مهل اسان ان ڪلچر جا علمبردار آهيون، جيڪو نياڻين جي تعليم تي فخر محسوس ڪري ٿو. ڪالهه اسان ڇوڪرين جو رشتو ڪرائڻ وقت انهن جي راءِ پڇڻ کي قومي ۽ قبيلائي غيرت جي منافي سمجهندا هئاسين ۽ اڄ اسان کي بي جوڙ شاديون ۽ نياڻين مٿان مڙهيل رشتا مدي خارج ۽ زهريلي سوچ جهڙا لڳن ٿا. ڪالهه اسان نوجوان ته ڇا پر پنهنجي گهرن گهاٽن ۽ خاندانن جي ڪراڙين عورتن کي به پردو ڪرائڻ لاءِ انهن کي برقعن ۾ بند ڪرڻ کي قومي ڪلچر سمجهندا هئاسين پر هاڻي ساڳي سنڌ جا ماڻهو نه رڳو پنهنجين مائرن ماسين پر پنهنجين نوجوان گهر وارين،ڀيڻن ۽ ڌيئن کي پردي جي قيد مان ڪڍي انهن کي آزاد انسان وانگر کليل هوا ۾ ساهه کڻڻ جو حق ڏيون ٿا. اهو سڀ ڪجهه تڏهن ٿيوآهي، جڏهن اسان ڪلچر کي ڪا بند ۽ قابو قسم جي شيءَ سمجهڻ بدران سدائين رواني دوانيءَ ۾ ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

هن وقت اسان کي جديد سائنسي ڪميونيڪيشن اهو به سمجهايو آهي ته هڪ بهتر ڪلچر اهو هوندوآهي، جيڪو نه رڳو پنهنجين برين ۽ منفي ڳالهين کان پنهنجي جان آجي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري پر دنيا جي بهتر سوچن ۽ عملن کي پاڻ ۾ سمائي ۽ پاڻ کي سگهارو ڪري. اسان ڪلچر جي باري ۾ مقدس ورثي وارو خيال ترڪ ڪري، ان کي سدائين سنوارڻ ۽ بهتر بڻائڻ جي ڪوشش کي ڪلچر جو ضروري حصو سمجهنداسين ته اسان جو ڪلچر دنيا جو مثالي ڪلچر سمجهيو ويندو. اسان کي ان سلسلي ۾ اهو به ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته ڪلچر اسان کي سدائين خام شيءَ وانگر حاصل ٿيندو آهي ۽ اسان ان کي نکاري ۽ بهتر بڻائي پنهنجي قومي ذات جو حصون بڻايون ٿا.  اسان کي پنهنجي دماغ ۾ اهو به ڌيان رکڻ گهرجي ته  اسان کي جڏهن به ڪا شيءَ حاصل ٿئي ٿي، اها ابتدا ۾ صاف سٿري ۽ قابل استعمال نه هوندي آهي پر اسان ان شيءَ کي مختلف مرحلن مان گذاري ان کي نکاري ۽ بهتر بڻائي ان کي استعمال جوڳو بڻايون ٿا.

اسان جيڪا پوک پوکيون ٿا ۽ ٻنين ۾ ٻجن جا جيڪي سلا اڀري اچن ٿا، انهن کي به مخلتف مرحلن مان گذاري قابل استعمال بڻايون ٿا. اسان کي پنهنجين کيتن مان جيڪا ڪڻڪ ملي ٿي، ان مان بهه الڳ ڪري ۽ ان کي صاف سٿرو بڻائي کاڌي لاءِ استعمال ڪريون ٿا ۽ ساڳي طرح سان اسان ساريون توڙي جوئر جيئن جون تيئن ڪتب آڻي نه ٿا سگهون. اسان اهو به ڏٺو آهي ته ڌرتيءَ جي تهن مان جيڪو تيل حاصل ٿئي ٿو، اهو به نڪرڻ شرط استعمال جوڳو نه هوندو آهي. ان کي به صاف ۽ پيور ڪرڻ لاءِ مشينن مان گذاريو ويندو آهي. اسان کي سون جي کاڻين مان جيڪو سون ملي ٿو، ان کي خالص سون جي صورت ڏيڻ لاءِ به تمام گهڻي سمجهه ۽ محنت جي ضرورت ٿئي ٿي.

اسان جي لاءِ ڪلچر ته هيري جهڙي شيءَ آهي. پر اسان کي اهو به معلوم آهي ته هيرا سدائين ڪوئلن جي کاڻين مان حاصل ٿيندا آهن ۽ جڏهن ڪو به هيرو ملندو آهي ته ان جي اهميت ان مهل ٿيندي آهي، جڏهن ان کي ڇيڻين سان ٺاهي ٺڪي، سنواري ۽ سهڻو بڻايو ويندو آهي. جڏهن ماهر هٿ اوزارن سان هيري کي تراشي ۽ ان جا پاسا ڪڍي ۽ ان جو ڪنڊون ٺاهي، پيش ڪندا آهن. قومن جا ڪلچر جيستائين اڻ گهڙيل هيرا هجن ٿا، ان مهل تائين انهن جو صحيح استعمال تمام مشڪل هجي ٿو. اسان کي هڪ هيري جو ڪوئلي کان وٺي هيري تائين جو سفر سوچي، پنهنجي قومي ڪلچر جي بهتري ۽ ان جي ترقيءَ جو حساب ٺاهڻو پوندو. جيستائين اسان ڪلچر کي ڪوئلي جيان هيرو بڻائڻ وارو ماحول ۽ ان تي محنت نه ٿا ڪيون، تيستائين اسان کي اهو ڪجهه حاصل نه ٿيندو، جيڪو ڪجهه ڪلچر جي نالي ۾ ترقي يافتا قومن کي حاصل ٿيو آهي.

غلام قومن ۽ آزاد قومن جي وچ ۾ اهو ئي فرق هجي ٿو. غلام قومن جوڪلچر غلامي جي طوقن کي ڳچيءَ ۾ لڙڪائي هلي ٿو ۽ آزاد قومن جو ڪلچر انهن کي پکين جا پر ڏئي کين آسمان جي بلندين تي رسائي ٿو.اسان پنهنجي ڪلچر ۾موجود روين جو جائزو وٺنداسين ته اسان کي کري ۽ کوٽي جي خبر پوندي. هڪ قوم جي لاءِ اها ڳالهه تمام وڏي فخر جي آهي ته هو هڪ دور مان نڪرڻ ٻي دور ۾ داخل ٿيڻ وقت پوئين دور جو ڪن ڪچرو ڇنڊي نئين دور جو نکار وٺي پاڻ کي وقتائتو ۽ بهترين بڻائي.

اسان جڏهن جاگيرداري ۽ وڏيرڪي دور مان وک کڻي سرمائيدار دور ۾ داخل ٿيون ٿا، تڏهن اسان کي وڏيرڪا رويا به پوئتي ڇڏڻ گهرجن. اسان کي اهو سمجهڻو پوندو ته هڪ قوم ان مهل پاڻ کي ترقيءَ ڪيل ۽ مهذب محسوس ڪري، جڏهن هوءَ پنهنجي لڇڻن مان بدمعاشي ۽ سازشي غنڊاگرديءَ کي ختم ڪري پاڻ کي جمهوري قدرن سان هم آغوش ڪري. جيڪڏهن ڪا قوم جمهوريت جي هن دور ۾ به پنهنجي مزاج ۾ آمريت ۽ ڀوتارڪي بدمعاشي کڻي هلي ٿي ته ان کي پنهنجي ڪلچر تي فخر ڪرڻ بدران شرمسار ٿيڻ گهرجي.

مٿيان خيال مون کي ان مهل شدت سان محسوس ٿيا، جڏهن مون پنهنجي صحافي دوست دودي چانڊيو جي اها وڊيو ڪلپ ڏٺي، جنهن ۾ هو ديس آڏو اها دانهن رکي رهيو هو ته ڪلچرل ڊي تي هن جي مخالف ادارن وارن سرڪار جي سرپرستيءَ سان ا نهن جوڪلچرل شو ڪنٽينرن سان بند ڪري، کين صحافتي ۽ ثقافتي آزادي ڏيڻ بدران انهن کي قيد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڇا ان قسم جا رويا اسان کي قومي ڪلچر جي طور تي قبول ڪرڻ گهرجن؟

ڇا اهو اسان جو ڪلچر هجڻ گهرجي ته اسان ثقافتي ڏينهن تي جمهوري آزادين جي پيرن ۽ هٿن ۾ زنجيرن جون ڪڙيون وجهي، انهن کي حيلن ۽ بهانن سان جڪڙي، نچون ڪڏون؟ جيڪڏهن اسان ان قسم جا رويا کڻي هلنداسين ته اسان کي پنهنجي جمهوري مزاج جي مٿان شرم محسوس ڪرڻو پوندو ۽ اهو شرم صرف انهن مخصوص فردن ۽ ڌرين تائين محدود نه سمجهڻ گهرجي پر ان شرمناڪ عمل ۾ اهي حڪمران به ايترا ئي شامل آهن، جيڪي ووٽ وٺي اقتدار ۾ اچڻ سبب جمهوري هجڻ جا داعي آهن ۽ اهو عمل ان انتظاميا جي لاءِ به آئينو آهي، جيڪا قانون جي حڪمرانيءَ جي ڳالهه ڪري ٿي.

اسان سال جا 364 ڏينهن ته پنهنجي آپي شاهيءَ وارن روين ۾ رهون ٿا پر گهٽ ۾گهٽ اسان کي ڪلچر ڊي جي هڪ ڏينهن تي ته جمهوري فضيلت ۽ شعوري حياءَ جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. اسان پنهنجا جشن ملهائڻ لاءِ ٻين جي پيرن ۾ ڪڙيون وجهڻ کي ڪلچر ٿا سمجهون؟ جيڪڏهن اهو ڪلچر آهي به ته اهو بي شرميءَ، بي حيائيءَ ۽ مڪمل بدمعاشيءَ جو ڪلچر آهي. ڇا ميڊيا کي اهڙي ڪلچر کي هٿي ڏيڻ گهرجي. اسان مڃون ٿا قومن جي ارتقائي سفر ۾ بدمعاشي ۽ غنڊاگردي به شامل ٿي ويندي آهي پر ان مان پاڻ کي آجو ڪرڻ ۽ پاڻ کي وڌيڪ سلجهيل۽ سيبتو بڻائڻ ئي ته ثقافت جي علامت آهي.

ڪاش! اسان ڪلچر جي حوالي ان ڪلچر جي ڪوئلن ۽ ثقافت جي هيرن ۾ فرق پيدا ڪرڻ جي پاڻ ۾ اهليت پيدا ڪري سگهون!!