سنڌ ۽ پاڻي جي کوٽ

0
429
برساتي-۽-دريائي-ٻوڏ-کان-ڪيئن-بچي-سگھجي

 قدرتي وسيلن سان مالا مال سنڌ، جنھن ۾ سنڌو درياهه سال جا ٻارنهن مهينا وهندو هو. سنڌ ڪنهن وقت ۾ نه صرف دريائي بندرن پر سامونڊي بندرن جي ڪري پڻ دنيا جي مختلف حصن سان وڻج واپار جي ڪري ڳنڊيل ۽ مشهور هوندي هئي. سنڌ جنهن ۾ دريائي اٿل ڪري ڪچي جي 6 لک ايڪڙ زمين سان گڏ پڪي جي لکين ايڪڙ زمين آباد ٿيندي هئي، اها سنڌ هاڻي پنهنجي پڪي جي هڪ ڪروڙ ٽيهه لک ايڪڙ زرعي زمين کي آباد ڪرڻ کان به قاصر آهي. 1932ع ۾ سکر بئراج ٺهڻ کان پهرين سنڌ جون زمينون ٻوڏ وارن واهن (Inundation Canals) ذريعي آباد ٿينديون هيون. سکر بئراج ۽ پوءِ ڪوٽڙي ۽ گڊو بئراج ٺهڻ ڪري اهي زمينون نئين سر کوٽايل واهن تي آباد ٿيڻ لڳيون ۽ اڄ تائين آبادي جو اهو واحد ذريعو آهي.

بئراج سسٽم ٺهڻ جي شروعاتي دور ۾ پاڻي جي اڻاٺ نه هئي، پر آهستي آهستي اها اڻاٺ وڌندي رهي ۽ هاڻي اها صورتحال آهي جو مرڪزي سرڪار طرفان تازو جاري ڪيل انگن اکرن ۾ اهو اعتراف ڪيو ويو آهي ته ملڪ ۾ سڀني کان وڌيڪ غير آباد زرعي زمين سنڌ ۾ آهي، جنهن جي ڪري نه رڳو صوبي کي پر ملڪي معيشت کي به نقصان پهچي رهيو آهي. انهيءِ رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايل آهي ته گذريل 13 سالن ۾ سنڌ ۾ آبادي هيٺ ايراضي ۾ گهٽتائي ۽ پنجاب ۾ واڌ آئي آهي. انهي جو سبب پاڻي جي غير منصفاڻي ورڇ آهي.

سنڌ جي پاڻي جي وسيلن جو واحد ذريعو سنڌودرياھه آهي. سنڌودرياھه ۽ ان جي ڀرتو ندين جي پاڻي جي ورهاست لاءِ هڪ ادارو ارسا جي نالي سان 1992کان ڪم ڪري رهيو آهي. پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته ارسا جو رويو سنڌ دشمني وارو آهي. انهي جا ڪيترائي سبب آهن ۽ انهي تي ڪافي لکيو پڻ ويو آهي، پر وس وارن ڌرين تي انهي جو ڪو به اثر نه پيو آهي. 1991ع واري صوبن وچ ۾ پاڻي ٺاھه جي ڪري جيڪا دوستاڻي فضا ٺهي هئي، اها آهستي آهستي پنهنجو اثر وڃائي رهي آهي.

صوبن ۾بد اعتمادي ۽ بد گماني وارو ماحول ٺهي ويو آهي. انهي بد اعتمادي ۽ بدگماني واري ماحول ۾ پنجاب طرفان جلال پور ڪئنال ۽ ٿل ڪئنال فيز 2 جا منصوبا ايشيائي ترقياتي بينڪ (Asia Development bank) جي مدد سان شروع ڪيا ويا آهن. تازو سنڌ اسيمبلي انهن منصوبن خلاف ٺهراءُ به بحال ڪيو آهي. اچو ته انهن منصوبن جو جائزو وٺون. جلال پور ڪئنال جھلم ندي تي رسول بئراج جي مٿين پاسي کان ڪڍيو پيو وڃي. انهي تي پنڊ دادن خان ۽ خوشاب ضلعي جي تقريبن ٻه لک زمين آباد ٿيندي.انهي زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ 200 ڪلو ميٽر نوان واھه کوٽيا ويندا. جلال پور ڪئنال منصوبي جي ڪل لاڳت3959.7 ملين روپيا آهي، انهي مان ايشيائي ترقياتي بينڪ جو حصو 2624.052 ملين روپيا آهي. اهو منصوبو 2019ع ۾ سنڌ جي مرضي جي خلاف شروع ڪيو ويو آهي.

سنڌ جي باربار اعتراض ڪرڻ جي باوجود انهي منصوبي تي ڪم تيزي سان هلي رهيو آهي. سنڌ حڪومت  مرڪزي حڪومت کي انهي خلاف لکيو آهي ته “1991 واري پاڻي ٺاھه هيٺ پنجاب جو حصو، ان جي موجوده واهن لاءِ مختص ڪيل آهي ۽ ان جي 2007ع ۾ پاڻي جو استعمال 37.7 ملين ايڪڙ فوٽ هو، جيڪو هن جي حصي 37.07 ملين ايڪڙ فوٽ کان وڌيڪ آهي.انهي مان ظاهر ٿئي ٿو ته پنجاب جا موجودهه واھه پنهنجي حصي کان وڌيڪ پاڻي کڻي رهيا آهن. PC-1 ۾ منصوبي جي ڏهه روزا پاڻي ضرورتن ۽ انهي منصوبي لاءِ پاڻي ڪٿان ايندو ۽ پنجاب ڪهڙن واهن مان پنهنجي حصي جو پاڻي گھٽ ڪري جلال پور ڪئنال کي ڏيندو،انهي تي خاموش آهي. وڌيڪ اهو ٺاھه جي شق 4 تحت پاڻي جو تعين ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي ڇڏڻ جي فيصلي تائين نٿو ڪري سگھجي”. انهي خط تي مرڪزي حڪومت جي منصوبه بندي جي وزارت طرفان پاڻي وسيلن جي وزارت کي سنڌ جي شڪايتن جو تدارڪ ڪرڻ تائين جلال پور منصوبي تي ڪم بند ڪرڻ جو لکيو آهي.

انهي کي چئبو آهي ناني ورهائڻ واري ڏهوٽا کائڻ وارا. 1991ع واري ٺاھه تحت پنجاب پنهنجي حصي جو پاڻي مختلف واهن لاءِ ڏھه روز بنياد تي ورهاست ڪري گڏيل مفادن واري ڪائونسل کي ٻين صوبن سان گڏ موڪليا هئا، جيڪي ڪائونسل جي منظوري کانپوءِ ٺاھه جو حصو آهن، انهي ۾ جلال پور ڪئنال شامل نه آهي. جلال پور منصوبي جي منظوري ۽ ان تي هلندڙ ڪم 1991ع واري ٺاھه جي روح جي خلاف آهي. سنڌ حڪومت جي خط ۾ ڄاڻايل شق 4 جي وضاحت ڪندو هلان ته انهي ۾ پاڇي دريائي وهڪرن، جن م ٻوڏ ۽ مستقبل جا ذخيرا شامل آهن جي ورهاست ڪيل آهي. جيستائين ٿل ڪئنال فيز 2 جو تعلق آهي، انهي کي عام طرح سان گريٽر ٿل ڪئنال چيو وڃي ٿو. انهي گريٽرٿل ڪئنال جو به 1991ع واري ٺاھه ۾ ڪو به ذڪر نه آهي.

پنجاب حڪومت چشما جھلم لنڪ ڪئنال مان شوبارا ڪئنال ڪڍي ان تي اٽڪل ٽي لک ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ جو منصوبو ايشيائي ترقياتي بينڪ جي سهڪار سان شروع ڪيو آهي. چشما جھلم لنڪ ڪئنال جيڪو ٻوڏ وارو ڪئنال آهي. انهي کي عارضي طور هڪ موسم ۾ وهائڻ لاءِ سنڌ ۽ پنجاب حڪومت ۾ 1973ع ۾ ٺاھه ٿيو هو، جنهن ۾ اهو واضح طور ڄاڻايل آهي ته اهو فلڊ ڪئنال آھي. پنجاب غيرقانوني ۽ ڏاڍائي جي بنياد تي اهو واھه وهائي رهيو آهي، انهي کي قانوني شڪل ڏيڻ لاءِ ڪجھه وقت اڳ ۾ ان جي پوڇڙ تي بجلي گھر ٺاهڻ لاءِ ارسا کان اجازت ورتي هئي، پر سنڌ جي سخت مخالفت ڪري اهو منصوبو تڪميل تي پهچي نه سگھيو.هاڻي وري شوبارا ڪئنال ٺاهڻ جي آڙ م ٻيهر اها ڪوشش ڪئي وئي آهي. انهي منصوبي جي پاڻي کڻڻ جي سگھه 8500 ڪيوسڪ آهي، جيڪڏهن اهو منصوبو ٺهي ويو ته سنڌ لاءِ ايندڙ پاڻي اڃان به وڌيڪ گھٽجي ويندو.

انهي سڄي صورت حال ۾ سنڌ جي پاڻي جي گھرج کي ڪيئن يقيني بنائي سگھجي ٿو. انهي سلسلي ۾ سنڌ جي هڪ نالي واري پاڻي ماهر محترم ادريس راجپوت طرفان روزاني “پنهنجي اخبار”۾ مورخه 30 نومبر 2021ع تي ڇپيل مضمون ۾ ان جو حل هن ريت لکيو آهي. 1. ڀاشا ڊيم ٺهڻ کپي 2. منگلاڊيم خريف ۾ فل نه ڀريو وڃي جو انهي جي ڀرڻ سبب ربيع ۾ سنڌ جو پاڻي کٽندو 3. چشما جهلم ۽ تونسا پنجند لنڪ ڪئنال تڏهن هلايا وڃن جڏهن سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ نه هجي 4. ڪالاباغ ڊيم نه ٺهڻ کپي جو انهي جي ٺهڻ ڪري سنڌو جو پاڻي کٽندو جو ان مان 8 ملين ايڪڙ فوٽ جا ٻه  واهه ڪڍيا ويندا 5. ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ کي لکڻ. ادريس صاحب جيڪو ڪجهه تجويز ڪيو آهي، انهي سان ڀاشا ڊيم ٺهڻ واري نقطي کانسواءِ باقي سڀ حقيقتون آهن پر حل نه،ڇو جو انهن جو ذڪر هر وقت ٿيندو رهي ٿو ۽ انهي تي ارسا، پنجاب يا وفاق ڪڏهن به ڏيان نه ڏنو آهي.

ڀاشا ڊيم جي حمايت ۾ ٻه  دليل ڏنا وڃن ٿا. هڪ ته سمنڊ ۾ سراسري طرح 35 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي وڃي ٿو، انهي کي استعمال ڪرڻ. ٻيو ته تربيلا ڊيم لٽجي پيو، ان جي متبادل طور ديامير ڀاشا ڊيم ٺاهڻ. جيستائين 35 ملين ايڪڙ فوٽ سراسري طرح پاڻي سمنڊ ۾ وڃڻ جو سوال آهي اهو به اختلافي آهي، پر هتي صرف اهو ياد ڏيارڻ چاهيندس ته انهي ۾ 18.6 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي افغانستان جي ڪابل ۽ ٻين درياهن ۽ 2.0 ملين ايڪڙ اڀرندي دريائن جو پاڻي پڻ شامل آهي. افغانستان حڪومت ڪابل ۽ ٻين ندين تي 12 ڊيمن ٺاهڻ جو منصوبو رٿيو آهي، جڏهن به ان تي عمل مڪمل ڪيو ويو ته اهو پاڻي اچڻ بند ٿي ويندو. جيستائين اڀرندي دريائن مان ايندڙ پاڻي جو تعلق آهي ته انهي کي اسان پنهنجي مستقل ذخيرن ۾ شامل نٿا ڪري سگهون.

جيستائين متبادل ڊيم ٺهڻ جو تعلق آهي ته سنڌ کي تربيلا ڊيم مان ڪهڙو فائدو ٿيو آهي، جو ان جي لٽجڻ سان اهو نقصان ۾ رهندو. تربيلا ڊيم ٺهڻ کان پوءِ سنڌ حڪومت جي انگن اکرن مطابق 2005ع تائين سامونڊي پٽي جي 12 لک ايڪڙ زمين سمنڊ کائي ويو آهي، اهو انگ تازو سنڌ جي آبپاشي جي وزير طرفان اسيمبلي ۾ ڪيل تقرير مطابق 32 لک ٿي ويو آهي. انهن حالتن ۾ جيڪڏهن ڪو نئون ڊيم ٺهي ٿو تو ان جو سنڌ تي ڪهڙو اثر پوندو، اها ڳالهه ڪنهن کان به ڳجهي نه آهي. اسان کي وڏن ڊيمن جي ڪري ٿيندڙ نقصان بابت چين جي ماحولياتي ماهر وين بو، جو چين جي يانگتز درياھه تي ڊيم اڏڻ ڪري پوندڙ اثر ڪري چيل جملا نه وسارڻ کپن جنهن ۾ هن چيو ته چين ۾ آيل سوڪھڙو(drought) انهن ڊيمن جو نتيجو آھي ۽ اهو پڻ چيو ته اسان کي رڳو اقتصادي فائدا نه بلڪه ماحولياتي نقصان پڻ ڏسڻ کپن.

سنڌ جي پاڻي جي مسئلي جو حل ڪو نئون ڊيم نه آهي، پر 1991ع واري ٺاهه تي من وعن عمل ڪرڻ آهي انهي لاءِ ضروري آهي ته سنڌو درياهه سرشستي ۾ ايندڙ پاڻي ۽ ان جي استعمال جي صحيح ڄاڻ رکڻ لاءِ ماپن جو سائنسي سرشستو يعني ٽيليميٽري سسٽم رائج ڪيو وڃي ۽ پاڻي جي آمد ۽ اخراج جي صحيح ڄاڻ لاءِ ان جي غيرجانبدار پاڻي ماهرن کان جانچ پڙتال (Audit) ڪرائي وڃي ته جيئن خبر پوي ته سسٽم ۾ ڪيترو پاڻي اچي پيو ۽ ان مان ڪهڙو صوبو ڪيترو پاڻي استعمال ڪري رهيو آهي ۽ رستي ۾ ڪهڙي صوبي ۾ ڪيترو پاڻي ضايع ٿي رهيو آهي. جيڪڏهن سنڌ جي پاڻي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ قانوني گهرجون ۽ ححتون نه مڃيون ويون ته سنڌ ۾ بيروزگاري بک ۽ غربت ۾ اضافو ٿيندو ۽ اها صورتحال ڪهڙو به رخ اختيار ڪري سگهي ٿي. انهي ڪري سنڌ جي ماڻهن جو معاشي قتل عام ڪرڻ جي بجاءِ قانوني گهرجون پوريون ڪيون وڃن.