سنڌو لاءِ سنڌ اٿلي پئي

0
300
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

سنڌ ٻهڪي رهي هئي ،سنڌ مهڪي رهي هئي،سنڌ خوش هئي، سنڌ پرجوش هئي، سنڌ جاڳ جو ڀاڳ کڻي پنهنجي خوابن جي تعبير لاءِ رستن تي هئي ،سنڌ  پنهنجي ثقافت سان پيار جو اظهار ڪرڻ سان گڏ پنهنجي وسيلن جي مالڪي جو به پيغام ڏئي رهي هئي. سنڌ متحد هئي، سنڌ هڪ هئي.سنڌ جيڪا بزرگن ۾ به نظر اچي رهي هئي، سنڌ جيڪا ٻارن جي مرڪن ۾ سمايل هئي ،سنڌ جيڪا نوجوانن ۾ پنهنجي مستي سان موجود هئي، سنڌ جيڪا عمر،جنس،مذهب جي فرق کانسواءِ پنهنجي ايڪتا عيد جي مالڪي ڪري خوشيون ملهائي رهي هئي.اها عورت جي روپ ۾ ان سنڌ جي گهرڌياڻي هئي، اها نوجوانن جي روپ ۾ ان جو مستقبل هئي، اها ٻارن جي روپ ۾ ان اميد جو اظهار هئي ته سنڌ هر حال ۾ متحد آهي، هڪ آهي.سڄي دنيا ۾ شايد ئي ڪو اهڙو ڏينهن هجي جيڪو هيئن ملهايو ويندو هجي.ڪالهه سڄي سنڌ اهو ڏينهن ملهائي پنهنجي سالياني روايت کي برقرار رکيو ۽ دنيا کي  خوشي ،محبت ۽ امن جو پيغام ڏنو.

سنڌ جي ثقافت تي جڏهن چٿر ٿي هئي ته ان جو ردعمل انهي ايڪتا ذريعي ڏنو ويو هو تڏهن ڪنهن کي به اهو وهم گمان ۾ به نه هو ته اهو ايڪتا جو ڏينهن ايئن سڄي سنڌ کي هڪ ڪري ڇڏيندو ۽ سڄي سنڌ بنا ڪنهن فرق جي هڪ ٿي ويندي نه مذهب جو ڪو معاملو هوندو، نه رنگ، نه نسل، نه ذات، نه پات، نه اوچ نيچ. ڇاڪاڻ ته ثقافت ماڻهن کي ڳنڍڻ جو نالو آهي. بس اهو ڏينهن سنڌ جو ڏينهن ٿي ويو ۽ هرڪو اهو ڏينهن پنهنجو ڪري ملهائڻ لڳو. انهي ڏينهن کي رڳو خوشي جو ڏينهن ڪري نه ٿو ملهايو  پيو وڃي پر انهي کي هڪڙي مقصد سان به ڳنڍيو ويو آهي  ته رڳو انهي ڏينهن جي مالڪي ناهي ڪرڻي پر سنڌ ۽ سنڌ جي وسيلن جي به مالڪي ڪرڻي آهي،

انهي ڪري هر سال اهو ڏينهن ڪنهن سلوگن،ڪنهن نعري سان ملهايو ويندو آهي ۽ هن سال اهو ڏينهن “سنڌو تو ۾ ساهه اسانجو” جي نعري سان ملهايو ويو  آهي ۽ ڀرپور انداز ۾ ملهايو ويو آهي  جنهن انداز ۾ سنڌ جي ماڻهن ميڻ بتيون ٻاري سنڌو ۾ گل ڇٽي ان کي ڀيٽا ڏني ۽ ان جي مست موجن جي واپسي لاءِ دعائون گهريون. اهو اظهار هو انهي پيار جو، جيڪو سنڌ جا ماڻهو پنهنجي محبوب سنڌو سان ڪن ٿا .اي سنڌو تون اسان لاءِ ان داتا آهين ،اي سنڌو تون اسان جو ساهه پساهه آهين، تون اسان جي روح ۾ ايئن وهي رهيو آهين جيئن رڳن ۾ رت ڊوڙندو آهي جنهن جي رڪجڻ تي زندگي ختم ٿي ويندي آهي. تون اسان لاءِ قدرت جو اهو تحفو آهين جنهن جي اڳيان هر شيءَ هيچ ۽ نيچ آهي.ڪالهه سڄي سنڌ انهي پيار جو اظهار ڪرڻ لاءِ سنڌو سان ملاقات لاءِ نڪري پئي هئي۽ دنيا ڏسي رهي هئي ته عاشق  پنهنجي محبوب سان ڪيئن پيار ڪندا آهن؟۽ پيار جو اظهار هيئن به ٿيندو آهي. دنيا جي ڪهڙي ڪنڊ هئي جتي رهندڙ سنڌين  پنهنجي  محبوب سنڌو ۽ ان جي ثقافت سان پيار  جو اظهار نه ڪيو هجي.

اسان سڄي سنڌ کي سلام پيش ڪيون ٿا ته ڪجهه هنڌن تي ننڍڙي ذهنيت جي ماڻهن طرفان رنڊڪون وجهڻ جي ڪوشش باوجود پنهنجي سنڌو سان پيار جي اظهار لاءِ رستن تي نڪري پئي،اهي ننڍڙي ذهنيت جا ماڻهو سمجهي ئي نه ٿا سگهن ته وهڪرن آڏو بند ڪيئن لڙهي ويندا آهن، ڀلي ڪير ڪيتريون به ڪوششون ڪري پر سنڌو سان محبت ۽ سنڌ جي ثقافت سان پيار آڏو بند نه ٿا ٻڌي سگهجن. هي سڏ،هي ڏينهن  سنڌ جو ٿي چڪو آهي ۽ سڄي سنڌ ان جي مالڪي ڪرڻ ڄاڻي ٿي.