ڪشمور (رپورٽر) ڪشمور ۾ ھٿياربندن ھٿان مارجي ويل چاچڙ برادري جي 9 ڄڻن جي قتل واري واقعي خلاف چاچڙ برادري ۽ سياسي سماجي تنظيمن احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان وقعي تي پانڌي چاچڙ، علي مراد چاچڙ، منظور چاچڙ، جيئرام بجاج، غلام جيلاني منگي، افق بشير چنا، سرفراز سومرو، ذوالفقار ملڪ ۽ ٻين چيو ته 9 ڄڻن جي قتل وارو واقعو کليل دھشتگردي آهي، هنن چيو ته دھشت جي علامت بڻيل ڏوهارين کي گرفتار ڪري سخت سزائون ڏنيون وڃن