ٽنڊو محمد خان (رپورٽ: امتياز مڱريو) سنڌ ۾ طوفاني برسات پوڻ جو امڪان ظاهر ڪرڻ بعد به ٽنڊو محمد خان جي ضلعي انتظاميا سجاڳ نه ٿي سگهي آهي، شهر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ روزانو گٽرن ۽ نالين جو گندو پاڻي بيهجي وڃڻ ڪري شهري سخت عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، مٿان وري سامونڊي طوفاني برساتن پوڻ جي امڪان سبب شهري سخت خوف هراس ۾ وٺجي ويا آهن، شهر جا مک علائقا اسٽيشن روڊ ، بهراڻي پاڙو ، نصيرآباد ، دولھه جو پڙ ، چاندني چوڪ ، سومرا پاڙو ، پيپلز ڪالوني ، ٽالپر ڪالوني ، مير پاڙو سميت ٻين علائقن ۾ روزانو پبلڪ هيلٿ ۽ ميونسپل ڪاميٽي جي عملدارن جي لاپرواهي سبب گٽرن نالا اٿلڻ معمول بڻيل آهي، جنهن سبب رهواسين کي اچ وڃ ۾ سخت ڏکيائيون آهن، جڏهن ته تيز طوفاني برسات پوڻ جي نتيجي ۾ شهر جا سمورا علائقا پاڻي جي لپيٽ هيٺ اچي ويندا، هوڏانهن ضلعي اندر ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ سالن کان سم نالن جي کاٽي نه ٿي سگهي آهي، ان حوالي سان شهرين ۽ سياسي سماجي اڳواڻن عبدالحفيظ سٺيو، آصف چانڊيو ۽ ٻين دانيهندي چيو ته چونڊيل نمائندن ۽ پبلڪ هيلٿ سميت ميونسپل ڪاميٽي جي عملدارن جي مسلسل نااهلي سبب شهري ڪيتري عرصي کان وٺي گٽرن جي گندي پاڻي مان گذري رهيا آهن، شڪايتن باوجود ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، هنن چيو ته سامونڊي طوفان ۾ نقصان جو انديشو آهي، انتظاميا نوٽيس وٺي انتظام مڪمل ڪري.