ڪوٽ غلام محمد (ن پ ا) ڪوٽ غلام محمد پريس ڪلب تي صحافين آڏو دانهيندي روڊ سامارو ڳوٺ غلام حسين لنجواڻي واسي پريمي جوڙي اسماعيل لنجواڻي ۽ ڳوٺ قبولاڻي ويجهو کينسر جي رهواسڻ 22سالن جي هريان ڌيءُ ميرو ڀيل جنهن تعلقي سامارو ۾ درگاهه حسن شاهه باغبان مولوي رجب الدين چاوڙو وٽ مسلمان ٿي، دين اسلام قبول ڪري ورتو جنهن جو اسلامي نالو انيلا شيخ رکيو ويو جنهن مسلمان ٿيڻ کان پوءِ روڊ سامارو واسي اسماعيل لنجواڻي سان پسند جي شادي ڪئي هئي، هنن ٻنهي اسماعيل لنجواڻي سندس زال انيلا پريس ڪلب ڪوٽ غلام محمد تي دانهيندي چيو ته آئون پنهنجي رضا خوشي سان مسلمان ٿي آھيان ۽ اسماعيل لنجواڻي سان پسند جي شادي ڪئي آھي ۽ هاڻي منهنجا مائٽ منهنجا ۽ منهنجي مڙس جا ويري ٿي ويا آھن، مون کي ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو، آئون اڪيلي گهران نڪتي آھيان، هنن چيو ته اسان هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾تحفظ جي پٽيشن پڻ داخل ڪئي آھي پر پوليس اسان کي ڊيڄاري رهي آھي ۽ مائٽ مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن اسان کي تحفظ ڏنو وڃي.