ڪنري (ن پ ا) ڪنري واسي پورھيت 8 ڏينھن کان پراسرار نموني گم آهي، وارث سخت پريشانيءَ ۾ مبتلا ٿي ويا. ڪنري ويجھو ڳوٺ ڀڏو ڪپري جو رھواسي 25 ورھين جو نوجوان احمد رضا ولد محمد ابراھيم ڪپري گذريل 8 ڏينھن کان پراسرار نموني گم ٿي ويو آھي. نوجوان جي وارثن ٻڌايو ته ھو ڪراچي جي نجي فيڪٽري ۾ ڪم ڪندو ھو جيڪو 8 ڏينھن اڳ ڇنڇر ڏينھن ڪراچي کان عيد جي موڪلن تي واپسي ڳوٺ ڏانھن نڪتو پر گھر نه پھتو آهي ۽ پراسرار نموني گم آهي، ڪافي ڳولا ڪئي آھي، فيڪٽري انتظاميا کان معلومات ورتي آھي پر ڪوبه پتو ناهي پئجي سگھيو. اسان سخت پريشان آھيون، ھنن مطالبو ڪيو ته نوجوان جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.