حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ مختلف ڌرين پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ پريس ڪلب سامهون ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪيا، مڪراني پاڙي جي رهواسي سليم بلوچ، زال ڪومل بلوچ ۽ معصوم نياڻي سان گڏجي گهر تي قبضي جي ڪوشش خلاف احتجاج ڪيو. هن الزم هڻندي چيو ته والد جي ملڪيت مان مليل گهر تي ڀائر قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ڀائرن سندس گهر واري تي تشدد ڪري کين گهران ڪڍي ڇڏيو آهي، نوٽيس وٺي حق ڏياري انصاف ڪيو وڃي، ٻي طرف ڳوٺ شير محمد گوپانگ جي رهواسي عورتن، مردن، ٻارڙن بلڊر مافيا پاران مبينا طور گهر ڊاهڻ خلاف ستين ڏينهن به مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. ان موقعي تي ڳوٺاڻن دانش گوپانگ، سڪندر گوپانگ ۽ ٻين چيو ته بااثرن گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا آهن. مظاهرين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته سندن معاملن جو نوٽيس وٺي ساڻن انصاف ڪيو وڃي