ڪشمور (رپورٽر) ڪشمور ضلعي ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ واڌ بعد ڳوٺ محمد ابراهيم کوسو ۾ پنجن ڏينھن لاءِ مارٽ لاڪ ڊائون لڳائي ڳوٺ کي سيل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، ڳوٺ محمد ابراهيم کوسو ۾ 7 ڄڻن جون ٽيسٽ رپورٽون پازيٽو اچڻ بعد ڊي سي ڪشمور نوٽيفڪيشن جاري ڪندي قلم 188 لاڳو ڪيو، جنهن تحت ڳوٺ کي سيل ڪيو ويو. انتظاميا ڪشمور پوليس کي هدايت جاري ڪئي آهي ته ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرايو وڃي.