اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اطلاعات ۽ نشريات جي مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته هڪ طرف عوام اين سي او سي جي هدايت مطابق ايس او پيز تي عملدرآمد ڪيو، جنهن سبب ڪورونا جو گراف هيٺ اچڻ شروع ٿيو ته ٻئي طرف مريم صفدر ڪورونا ايس او پيز جي خلاف ورزي ڪندي ماڻهن جي جانين کي خطري ۾ وجهي رهي آهي، ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾هن چيو ته مريم صفدر کي عوام جي جانين جي ڪا پرواهه ناهي اها پنهنجي ذاتي مفادن جي تحفظ لاءِ عوامي اجتماع ڪري رهي آهي.