ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايڌي فائونڊيشن اسرائيلي جنگ دوران متاثرن جي مدد لاءِ پنهنجا رضاڪار لسطين موڪلڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ان حوالي سان گهرو وزارت سميت فلسطيني اختيارين کان اجازت وٺڻ لاءِ هڪ ليٽر به موڪلي ڇڏيو آهي، اسلام آباد ۾ واقع فلسطيني سفارتخاني کي موڪليل ليٽر موجب ايڌي فائونڊيشن ملڪ جو وڏو فلاحي ادارو آهي، هن وقت فلسطين ۾ اسرائيلي جارحيت هلي رهي آهي، جنهن ۾ سوين مسلمان شهيد ۽ زخمي ٿي رهيا آهن متاثرن جي امداد لاءِ پنهنجا رضاڪار فلسطين موڪلڻ جي خواهش رکون ٿا، ان لاءِ اجازت ڏني وڃي.