ڪشمور/گڊو (نمائندن وٽان) گڊو ۾ نوجوان ڳورهاري ناري پراسرار نموني فوت، گهر مان لاش هٿ، وارثن جو مڙس ۽ ڏيرن تي ڪرنٽ ڏئي مارڻ جو الزام، ناري جي مڙس جو چوڻ آهي ته سندس گهرواري ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي، قتل جو الزام غلط آهي، پوليس ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو. خبر موجب ايريگيشن ڪالوني گھر مان 25 ورھين جي ڳورهاري ناري ساجھان عرف مرادان زال منظور مزاري جو لاش ھٿ ڪيو ويو، ناري جو لاش سول اسپتال ڪشمور نيو ويو، جتي ليڊي ڊاڪٽر نه هجڻ سبب 7 ڪلاڪ لاش پيل رهيو، بعد ۾ ڪنڏڪوٽ مان ڊاڪٽر انعم جميل کي گهرائي ناري جي مڙهه جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو، ڊي ايڇ او ڪشمور چيو ته عورت جو پوسٽ مارٽم نه ڪندڙ ڪشمور سول اسپتال جي ڊاڪٽرياڻين بابت رپورٽ ڊي جي ھيلٿ کي اماڻي ڇڏي آهي، ان موقعي تي ناري جي وارثن پوسٽ مارٽم ۾ دير ڪرڻ تي احتجاج ڪندي انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو، ناري جي چاچي پانڌي خان ٽانوري جو چوڻ آهي ته ناري کي مڙس منظور ۽ ڏيرن رياض احمد ۽ حاڪم علي مزاري ڪرنٽ ڏئي ماريو آهي، هوڏانهن عورت جي مڙس منظور مزاري ميڊيا کي ٻڌايو ته کيس 3 ٻارن جو اولاد آھي، هن چيو ته سندس گھر واري ڳورهاري هئي، هو پنھنجي گھر واري کي ڇو قتل ڪندو؟ هن جو چوڻ هو ته اسان ناري کي قتل نه ڪيو آھي، بجلي جي ڪرنٽ لڳڻ ڪري هوءَ فوت ٿي، سندس چاچو پانڌي خان بااثر آهي اسان مٿان قتل جو ڪوڙو الزام لڳائي ناحق ڦاسائڻ چاهي ٿو. هوڏانهن پوليس شڪ جي بنياد تي ناري جي مڙس منظور ۽ ٻن ڏيرن رياض احمد ۽ حاڪم علي مزاري کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ناري جي جسم تي بجلي جا ڪرنٽ لڳڻ جا نشان موجود آھن، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.