ڪريڊٽ نه وٺنداسين، عائشه ملڪ پنهنجي قابليت جي بنياد تي جج ٿي آهي: چيف جسٽس

0
544
ڪريڊٽ نه وٺنداسين

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جسٽس عائشه ملڪ جي سپريم ڪورٽ ۾ پهرين عورت جج طور مقرر ٿيڻ تي چيف جسٽس گلزار احمد چيو آهي ته اسان ڪنهن به شئي جو ڪريڊٽ نه وٺنداسين، جسٽس عائشه ملڪ پنهنجي قابليت جي بنياد تي جج ٿي آهي

جسٽس عائشه ملڪ کي حلف کڻائڻ  بعد ميڊيا سان ڳالهائڻ دوران چيف جسٽس کان هڪ صحافي سوال ڪيو ته نئين تاريخ رقم ٿي آهي، ڇا سوچ آهي توهان جي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته الله شاهد آهي

صحافي سوال ڪيو ته توهان عورت هجڻ جي ناطي هن نالي تي غور ڪيو يا جج جي حيثيت سان؟ چيف جسٽس جواب ڏنو ته عورت هجڻ جي ناطي

ھي به پڙھندا

جسٽس عائشه ملڪ سپريم ڪورٽ جي پهرين عورت جج جو حلف کڻي ورتو