اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان کان فون تي پهريون ئي سوال مهانگائي بابت راولپنڊي ۾ رهندڙ عورت پڇيو، ان  عورت جو چوڻ هو ته سال اڳ اوهان کان فون تي پڇيو هو ته توهان چيو هو ته مهانگائي گهٽ ٿي ويندي پر مهانگائي ٻيڻ تي ڇو وڌي وئي آهي، توهان کي اصل صورتحال نه ٿي ٻڌائي وڃي، ٻيو ڪجهه نه ٿا ڪري سگهو ته شين جون آن لائين قيمتون ئي ڏسي ٻڌايو ته هاڻي اسان کي گهٻرائڻ گهرجي؟ ان بعد وزيراعظم کان لاهور کان نائلا گيلاني سوال ڪيو جيڪو صحت ڪارڊ واري حڪومتي قدم کي ساراهڻ بابت هو نائلا گيلاني جو چوڻ هو ته 4 روڊ ٺاهي شهباز شريف هيرو هو جيڪو زيرو ٿي ويو آهي، بورا والا کان شهري عديل اشرف وزيراعظم کان ڪورونا سبب ڪيٽرنگ ۽ ريسٽورنٽ جي صنعتن کي رليف پيڪيج ڏيڻ جي درخواست ڪئي، چڪوال کان شهري ملڪ اصغر وزيراعظم کان ملڪ اندر ايمرجنسي ۽ صدارتي نظام بابت هلندڙ ڳالهين بابت سوال ڪيو، ڪراچي کان منير نالي شهري ميرا گهر اسڪيم تحت قرض وٺڻ جي وزيراعظم کي آگاهي ڏني، لاهور مان ظفر علوي ملڪ ۾ انصاف جي نظام جي مفلوج ٿي وڃڻ بابت سوال ڪيو، اسلام آباد کان ڊاڪٽر شهناز نور مقدم ڪيس ۾ نفسياتي بنيادن تي جوابدارن پاران رليف وٺڻ جي ڪوششن توڙي شاهه رخ جتوئي بابت سوال ڪيو، ڊينمارڪ کان عمران پي آءِ اي جي بند فلائيٽن جي شڪايت ڪئي، جڏهن ته شهزاد بلدياتي چونڊن ۾ پي ٽي آءِ کي مليل شڪست جا عام چونڊن تي اثر پوندا بابت سوال ڪيو، جڏهن ته 2 سوال اهڙا هئا جيڪي سوال پڇندڙن جا نالا فيصل جاويد نه ٻڌايا، جن ۾ هڪ سوال ڪارپوريٽ شعبي پاران غير معمولي منافعو ڪمائڻ باوجود فيڪٽرين ۾ ڪم ڪندڙ ورڪرن جون پگهارون نه وڌائڻ ۽ امپورٽيڊ موبائيل تي ٽيڪس ۾ اضافي بابت سوال شامل هئا، بهاولپور جي شهري شهزاد وزيراعظم کان سوال ڪيو ته اسان جي ٻارڙن جي مستقبل بابت ڪهڙي ضمانت ڏيندئو، ڪرپٽ نواز شريف ۽ زرداري هاڻي واپس اچي رهيا آهن،