ڏهرڪي: اوٻاوڙو واقعي جا ٽي ڌار ڌار ڪيس داخل

0
142
ڏهرڪي: اوٻاوڙو واقعي

ڏهرڪي/ميرپور ماٿيلو (نمائندن وٽان) اوٻاوڙو واقعي جا ٽي ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، ايس ايڇ او اوٻاوڙو اطهر چنو جي فرياد تي سکر سي ٽي ڊي ٿاڻي تي اوٻاوڙو واقعي جا ٽي ڪيس داخل ڪيا ويا

هڪ ڪيس جي متن ۾ چيو ويو آھي ته مارجي ويل ٻئي ڄڻا جنهن جو پوليس سان مقابلو ٿيو ۽ انهن پاڻ کي دستي بم سان اڏائي ڇڏيو

ٻئي ڪيس جو متن آھي ته مارجي ويل حميد کان پسٽل بر آمد ٿيو، جنهن تي تيرهن ڊي اي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ ساڳئي ريت ٽئين ڪيس جو متن آھي ته مارجي ويل امام الدين کان به پسٽل بر آمد ٿيو آهي

ايف آءِآر جي متن ۾ چيو ويو آهي ته لانگھي روڊ تي پوليس چيڪنگ دوران ٻن شڪي موٽر سائيڪل سوارن کي روڪيو، جيڪي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پوليس مٿان سڌي فائرنگ ڪئي

ايف آءِآر جي متن ۾ چيو ويو آهي ته مقابلي دوران دھشتگردن پوليس مٿان دستي بم اڇليو، بعد ۾ پاڻ دستي بم ڦاڙي خود ڪش ڌماڪو ڪيو جنھن ۾ ٻئي ڄڻا مارجي ويا

مارجي ويل مبينا دهشتگردن خلاف هڪ واقعي جو ڪيس ۽ ٻه تيرهن ڊي اي جا ڪيس داخل ڪيا ويا آھن

ٻئي پاسي ايس ايڇ او اوٻاوڙو جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ٻنهي ڄڻن جا لاش اڃان تائين اوٻاوڙو  اسپتال جي مرده خاني پيل آهن، لاشن جي وصول ڪرڻ لاءِ ڪنهن به رابطو ناهي ڪيو، رحيم يار خان واسي عبدالحميد بابت گهڻا ثبوت ملي رهيا آھن، لاشن بابت ايس ايس پي ۽ ڊي آءِ جي جي حڪم کانپوءِ دفن ڪندا سين

ھي به پڙھندا

اوٻاوڙو ۾ پوليس ۽ دھشتگردن ۾ مقابلو، 2 دھشتگرد مارجي ويا