جسٽس عائشه ملڪ سپريم ڪورٽ جي پهرين عورت جج جو حلف کڻي ورتو

0
519
جسٽس عائشه ملڪ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جسٽس عائشه ملڪ پاڪستان جي تاريخ ۾ سپريم ڪورٽ جي پهرين عورت جج طور حلف کڻي تاريخ ٺاهي ڇڏي، جسٽس عائشه ملڪ سپريم ڪورٽ ۾ حلف کنيو، چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد جسٽس عائشه ملڪ کان عهدي جو حلف ورتو

جسٽس عائشه پاڪستان جي تاريخ ۾ سپريم ڪورٽ ۾ مقرر ٿيڻ واري پهرين عورت آهي، جڊيشل ڪميشن 6 جنوري تي جسٽس عائشه ملڪ جي مقرري جي سفارش ڪئي هئي، جڊيشل ڪميشن جي سفارش تي ججن جي مقرري بابت پارلياماني ڪميٽي سندس مقرري جي حتمي منظوري ڏني هئي

جسٽس عائشه ملڪ کي 27 مارچ 2012ع تي لاهور هاءِ ڪورٽ جو جج مقرر ڪيو ويو هو ۽ جسٽس عائشه ملڪ لڳ ڀڳ 10 سالن تائين لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون، سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس عائشه ملڪ جي ملازمت جو مدو 2031 تائين آهي