ڪرمپور ڀرسان ڪچي ۾ مبينا پوليس مقابلي دوران 3 مغوي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ

0
222

ڪرمپور ڀرسان ڪچي جي علائقي ۾ مبينا پوليس مقابلي دوران 3 مغوي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي

پوليس دعويٰ ڪئي آهي ڪچي ۾ مقابلي دوران دادو واسي محسن، عبدالخاق پنهور ۽ صادق آباد واسي عبدالغفار چانڊيو کي بازياب ڪرايو آهي

پوليس موجب ڪچي ۾ ڌاڙيلن ۽ مغوين جي موجودگيءَ جي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي ته مقابلو ٿيو، مقابلي دوران ڌاڙيل فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا

پوليس موجب بازياب ڪرايل ٽئي ڄڻا عورتاڻي آواز ۾ هرکجي اغوا ٿيا هئا، جن کي بازياب ڪرايو آهي

ٻئي پاسي  علائقي ۾ ٽئي مغوي ڀُنگ ڀري آزاد ٿيڻ جا چئوٻول آهن