جناح اسپتال جو ميڊيڪل وارڊ زبون حال، چاپڙ ڪرڻ سبب مريض زخمي

0
220
جناح اسپتال جو ميڊيڪل وارڊ زبون حال، چاپڙ ڪرڻ سبب مريض زخمي
جناح اسپتال جو ميڊيڪل وارڊ زبون حال، چاپڙ ڪرڻ سبب مريض زخمي

ڪراچي جي جناح اسپتال جو ميڊيڪل وارڊ نمبر 5 انتهائي زبون حال ٿي ويو آهي، ڇت جا چاپڙ ڪرڻ سبب هڪ مريض ۽ مريض سان گڏ آيل شهري زخمي ٿي پيا آهن

ڪراچي جي سڀ کان وڏي اسپتال جي ميڊيڪل وارڊ جي حالت خراب هجڻ سبب ڊاڪٽر توڙي عملو پريشان رهي ٿو، اڄ وارڊ جي بيڊ نمبر 30 تي داخل مريض مٿان ڇت جا چاپڙ ڪري پيا، جنهن جي نتيجي ۾ مريض ۽ سندس وارث زخمي ٿي پيا

مريضن ۽ اسپتال عملي انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته وارڊ جي مرمت ڪرائي وڃي