ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جنهن کي ﷲ رکي، تنهن کي ڪير چکي؟ ڪراچي ۾ سياسي ٽارگيٽ ڪلر کان بچي ويو، گولي چيمبر ۾ ڦاسي پئي. بلديه رشيد آباد ۾ سياسي پارٽي جي ڪارڪن جي ٽارگيٽ ڪلنگ جي ڪوشش ناڪام بڻجي وئي، ٽارگيٽ ڪلر سياسي ڪارڪن نعيم جي مٿي تي پستول رکي ٽريگر کي دٻايو پر فائرنگ نه ٿي سگهي.واقعي جي سي سي ٽي وي وڊيو به منظر عام تي آئي، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته موٽر سائيڪل سوار ٽارگيٽ ڪلر موٽر سائيڪل بيهاري سياسي ڪارڪن جي ويجهو آيو ۽ پستول تاڻي ٽريگر دٻايو پر فائر نه ٿي سگهيو، هيلمٽ پهريل ٽارگيٽ ڪلر نعيم جي پٺيان ڊوڙي ٻيهر فائر ڪرڻ لاءِ ٽريگر دٻايو پر گولي چيمبر ۾ ڦاسي پئي، جوابدار ٻيهر پستول لوڊ ڪري فائرنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ناڪام ٿي ويو. جنهن بعد جوابدار فرار ٿي ويو. پوليس موجب نعيم پي ايس پي ۾ هو، ڪجهه عرصو اڳ پي ايس پي ڇڏي پ پ ۾ شامل ٿيو، وڊيو جي مدد سان جوابدار جي ڳولا ڪئي پئي وڃي