سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) باگڙجي ٻيلي اندر پراڻي خوني تڪرار تان فائرنگ، نوجوان قتل، ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي، ٻنهي ڌرين وچ ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان مختلف وقتن تي 20 ڄڻا قتل ٿي چڪا. ان ڏس ۾ حاصل ڪيل ڄاڻ موجب سکر جي باگڙجي ٻيلي اندر ڪشمير جتوئي ۽ وزير جتوئي جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 18 ورهين جو نوجوان دلپسند عرف گلي پٽ سيفل جتوئي مارجي ويو. مقتول جو لاش باگڙجي اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. قتل واقعي بعد ٻنهي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي، ڌريون هڪٻئي خلاف مورچا بند بڻيل آهن، وقفي وقفي سان ٻنهي ڌرين ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ جو سلسلو رات دير تائين جاري رهيو. نوجوان جي قتل بعد علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو. واضح رهي ته ٻيلي کاتي جي زمين تان ھلندڙ تڪرار جي نتيجي ۾ ٻنهي ڌرين جا 20 کان وڌيڪ ماڻهو قتل ٿي چڪا آهن. آخري اطلاعن تائين نوجوان جي قتل جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.