ڪراچي ۾ پوليس آفيس تي حملو: اهلڪار سميت 2 ڄڻا شهيد: 4 دهشتگرد مارجي ويا

0
324
ڪراچي ۾ پوليس آفيس تي حملو
ڪراچي ۾ پوليس آفيس تي حملو: اهلڪار سميت 2 ڄڻا شهيد: 4 دهشتگرد مارجي ويا

ڪراچي جي علائقي شاهراهه فيصل تي ڪراچي پوليس آفيس (ڪي پي او) تي دهشتگردن جي حملي کانپوءِ فائرنگ جو سلسلو جاري آهي
انسپيڪٽر جنرل (آءِ جي) سنڌ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 4 دهشتگردن جي مارجڻ جي تصديق ڪئي آهي
پوليس اختيارين موجب حملي ۾ هڪ پوليس اهلڪار سميت 2 ڄڻا شهيد ٿي ويا، رينجرز اهلڪارن سميت 11 ڄڻا زخمي پڻ ٿيا آهن
حملو شام 7 لڳي 10 منٽن تي ڪيو ويو، ڪراچي پوليس آفيس ۾ 8 کان 10 حملي آورن جي موجودگي جا اطلاع آهن، پوليس آفيس جي ويجهو به زوردار فائرنگ ۽ ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا آهن، بتيون ۽ دروازا به بند آهن
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه موجب عمارت جي پنجن مان ٽن منزلن کي ڪليئر ڪيو ويو آهي
پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته حملي آور پوليس لائنز ذريعي داخل ٿيا ۽ دهشتگرد ڪي پي او جي پارڪنگ ايريا ۾ به موجود آهن
اختيارين جو چوڻ آهي ته رينجرز، پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي وڏي نفري طلب ڪئي وئي آهي ۽ پوليس آفيس جو گهيرو ڪيو ويو آهي ۽ شاهراهه فيصل کي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي
20عملدارن کي ريسڪيو ڪيو ويو
رپورٽس موجب ڪي پي او جي ٽين منزل کي به ڪليئر ڪيو ويو آهي ۽ 20 اهلڪارن کي بچايو ويو آهي، ڪي پي او آفيسن مان ريسڪيو ڪيل 20 ڄڻن کي گرائونڊ فلور تي آندو ويو آهي
اسپيشل سڪيورٽي يونٽ جي ترجمان موجب دهشتگردن خلاف ڪمانڊوز جو آپريشن جاري آهي ۽ عمارت جي چوٿين ماڙ کي به ڪليئر ڪيو ويو آهي
ڪراچي پوليس آفيس جي ڇت تي دهشتگرد پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، سيڪيورٽي اهلڪار جڏهن عمارت جي مٿين منزل تي پهتا ته دهشتگرد ڪراچي پوليس آفيس جي ڇت تي پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو
پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته هن وقت تائين 3 دهشتگرد مارجي ويا آهن
دهشتگردن 2 کان 3 طرفن کان حملا ڪيا: ڊي آءِ جي ڏکڻ
ڊي آءِ جي ڏکڻ جو چوڻ آهي ته دهشتگرد مڪمل تياري سان آيا هئا، دهشتگردن 2 کان 3 طرفن کان حملا ڪيا، عمارت ۾ 40 کان 50 ماڻهو موجود آهن، حملي آورن سان ڀرپور مقابلو ڪري رهيا آهيون، سڄي شهر مان فورس موجود آهي، رينجرز ۽ فوج موجود آهي، دهشتگردن جو حتمي انگ معلوم ناهي، ماڻهو عمارت اندر ڦاٿل آهن ۽ آپريشن جاري آهي

11 زخمي ۽ 2 لاش جناح اسپتال منتقل ڪيا ويا
دهشتگردن جي حملي ۾ هڪ پوليس اهلڪار سميت 2 ڄڻن جي شهادت جي تصديق ٿي آهي، ٻنهي جا لاش جناح اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن سميت 11 ڄڻا زخمي ٿيا آهن
ڪراچي صدر پوليس لائن جي احاطي مان هڪ ڪار هٿ آئي آهي جنهن جا چارئي دروازا کليل آهن
ان کانسواءِ ڪراچي پوليس هيڊ آفيس جي مين گيٽ وٽان هڪ ڪار به هٿ آئي آهي، دهشتگرد انهن ٻن ڪارن ۾ حملي لاءِ آيا هئا

وزيراعظم پاران پوليس آفيس تي دهشتگرد حملي جي مذمت
وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪراچي پوليس آفيس تي دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي آهي، وزيراعظم دهشتگردن جي حملي بابت سنڌ جي وڏي وزير کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. وزيراعظم دهشتگردن خلاف ڀرپور ڪارروائي تي پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز کي سلام پيش ڪيو آهي
بلاول ڪي پي او تي حملي جي مذمت ڪئي آهي
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڪي پي او تي حملي جي مذمت ڪئي آهي. پنهنجي بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ پوليس اڳ به دهشتگرديءَ کي شڪست ڏئي چڪي آهي، يقين آهي ته ٻيهر دهشتگردي جو خاتمو آڻينداسين، اهڙا بزدلاڻا حملا اسان جا حوصلا ڪمزور نٿا ڪري سگهن
گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جو اهم بيان
وفاقي گهرو وزير راڻا ثناالله چيو ته وفاقي حڪومت رابطي ۾ آهي، سنڌ پوليس کي هر ممڪن مدد فراهم ڪئي پئي وڃي، پوليس کيس ٻڌايو آهي ته 6 کان 7 دهشتگرد ڪي پي او آفيس ۾ داخل ٿيا آهن، دهشتگردن گاڏي پارڪ ڪرڻ کانپوءِ دستي بم سان حملو ڪري عمارت ۾ داخل ٿيا

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي پوليس چيف جِي آفيس تي حملو برداشت جوڳو نه آهي
وڏي وزير پوليس آفيس تي حملي جي آءِ جي سنڌ کان رپورٽ طلب ڪندي چيو آهي ته سينٽرل پوليس ڪنٽرول روم مان صورتحال کي مانيٽر ڪري رهيو آهيان، ڪوشش آهي ته صورتحال تي جلد ڪنٽرول ڪيو وڃي،گورنر سنڌ ڪامران ٽسوري به آءِ جي سنڌ کان رپورٽ طلب ڪري ورتي