عمران خان طرفان اربع کان جيل ڀريو تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان

0
131
عمران خان چيف جسٽس جي حمايت ۾ عوام کي ڇنڇر تي روڊن تي اچڻ جو سڏ ڏئي ڇڏيو
عمران خان چيف جسٽس جي حمايت ۾ عوام کي ڇنڇر تي روڊن تي اچڻ جو سڏ ڏئي ڇڏيو

لاهور: پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزير اعظم عمران خان اربع کان جيل ڀريو تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي
پنهنجي وڊيو بيان ۾ عمران خان چيو ته آئين ۾ واضح لکيل آهي ته چونڊون 90 ڏينهن ۾ ٿيڻيون آهن، 91 ڏينهن جو مطلب اهو هوندو ته ڪا به نگران حڪومت غير آئيني هوندي
عمران خان چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر کي خبر آهي ته اسيمبليون ختم ٿيڻ کانپوءِ چونڊون 90 ڏينهن ۾ ٿيڻيون آهن
هن اعلان ڪيو ته جيل ڀريو تحريڪ جي شروعات لاهور مان ٿيندي، هيءَ تحريڪ آئين کي بچائڻ لاءِ شروع ڪري رهيا آهيون