ڪراچي پوليس آفيس تي حملو ڪندڙ ٽنهي دهشتگردن جي سڃاڻپ ٿي وئي

0
355

ڪراچي پوليس آفيس تي حملو ڪندڙ ٽنهي دهشتگردن جي سڃاڻپ ٿي وئي، آپگهاتي حملو ڪندڙ دهشتگرد زالا نور جو تعلق اتر وزيرستان سان هو

 سڪيورٽي فورسز جي  فائرنگ ۾ مارجي ويل دهشتگرد ڪفايت الله جو تعلق لڪي مروت سان هو، ٽئين دهشتگرد مجيد جو تعلق دته خيل سان هو

ٽنهي دهشتگردن ڪراچي پوليس آفيس ۾ داخل ٿي هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، دهشتگردن سان دليراڻي ويڙهه ڪندي پوليس جا 2 جوان ۽ رينجرز جو سب انسپيڪٽر به شهيد ٿيا

  شهيدن ۾ رينجرز جو سب انسپيڪٽر تيمور، لاڙڪاڻي واسي پوليس اهلڪار غلام عباس، لفٽ آپريٽر سعيد ۽ صفائي ڪندڙ ملازم اجمل مسيح شامل آهن

دهشتگردن سان ويڙهه دوران ڊي ايس پي عبدالرزاق سميت 20 ڄڻا زخمي ٿيا، هڪ دهشتگرد کي عمارت جِي چوٿين ماڙ ۽ ٻن دهشتگردن کي عمارت جِي ڇت تي ماريو ويو

 دهشتگردن کي سوڙهو ڪرڻ لاءِ پوليس پاران ڊرون ٽيڪنالاجي جو سهارو به ورتو ويو، بندش پيل تنظيم ٽي ٽي پي واقعي جي ذميواري قبولي ورتي