ڪراچي ۾ لڳل نفرت ڀريا بينر ڪهڙي ڳالھه جو اشارو آهن؟

0
229
ٽانڊي لاءِ آيل بورچي ڪيئن بڻيا ؟

 ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي جي روڊن رستن ۽ انهن جي مٿان ٺهيل لوهي پلين تي نوان نوان بينر نظر آيا جيڪي ڪراچي جي مک شاهراهن تي لڳل آهن جن تي نفرت ڀريو ۽ تعصب وارو مواد لکيل آهي، وڏي تعداد ۾ ٽنگيل انهن بينرن تي ”ديهي سنڌ ڪا شهري سنڌ په قبضه نامنظور“  لکيل هو  پر پوءِ اهي بينر راتو رات لهي ويا ڇاڪاڻ ته هنن ڪم عقلن ”ديهي سنڌ“ جي جاءِ تي ”دهي سنڌ“  لکي ڇڏيو هو پوءِ وري هڪدم تصحيح ڪري بينر لکي لڳايا ويا.

 ڪراچي ۾ ”ديهي سنڌ ڪا شهري سنڌ په قبضه نامنظور“ واري نعري منجهان   ايم ڪيو ايم جي قيادت جي نيت ۽ افعال چڱي ريت سمجهي سگهجن ٿا. هي اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي 70 سالن کان سنڌ ۾ رهي به سنڌ جا ٿي نه سگهيا آهن. مسئلو ”دهي ۽ ديهي“ جو نه آهي، مسئلو اهو آهي ته  سنڌ ڌرتيءَ سان هنن پناهگيرن جي دل ۽ دماغ ۾ ڪيترو ڪينو، حسد ۽ زهر ڀريل آهي. اردو آبادي جي قيادت جي دعويدار ايم ڪيو ايم جي قيادت اڃان تائين جنهن ڌرتيءَ جو نمڪ کاڌو آهي  ان سان 70 سالن جي عرصي گذرڻ باوجود به نمڪ حلالي نه ڪري سگهي آهي. هنن هر دور ۾ صرف روپ تبديل ڪيو آهي پر  اصل ۾ سندن زهريلي سوچ ساڳي آهي. ايم ڪيو ايم لنڊن ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جو ڊرامو ڪندڙ هاڻي پنهنجي اصل چهري سان سامهون اچي ويا آهن.

هنن جي عمل مان ظاهر ۽ ثابت ٿي چڪو آهي ته هي تنظيم اڃان سوڌو غير ملڪي ادارن جي ايجنٽ طور ڪم ڪري رهي آهي ۽ صرف الطاف واري ايم ڪيو ايم کي لنڊن جو نالو ڏيئي پاڻ کي پاڪستان جو نالو ڏيئي هي ملڪ جي وحدت ۽ سنڌ ڌرتي تي سياست جي نالي ۾  تجارت ڪري رهيا آهن. خبر نه آهي  ته ملڪ جي سلامتي جي دعويدارن هن ملڪ دشمن تنظيم کي صرف پاڪستان جو نالو ڏيئي ڇو پاڪ ڪري رکيو آهي. انهن سڀني ليڊرن، ايم ڪيو ايم جي سڀني ڌڙن، PSP توڙي ڪراچي جي مذهبي جماعتن جي اڳواڻن جو فقط هڪ نقطي تي اتفاق آهي جيڪو آهي سنڌ سان دشمني وارو نقطو. جماعت اسلامي جي ڪراچي جي تنظيم  تي به اردو ڳالهائيندڙ جو غلبو آهي ۽ اهي به اسلام ۽ ڀائيچاري جو درس ڏيڻ بدران هڪ پليٽ فارم تي گڏجي سنڌ خلاف زهريلا بيان ڏئي رهيا آهن ۽ ديهي سنڌ جو شهري سنڌ تي قبضي جو تاثر پکيڙي رهيا آهن ۽ هڪ دفعو وري اردو آبادي کي ڀڙڪائي سنڌين جي خلاف ڪو وڏو واقعو ڪرڻ پيا چاهين، ليڪن انهن کي ياد ڪرڻ گهرجي ته ڪراچي ايم ڪيو ايم جي جاگير ناهي ۽ نه ئي هي 80 يا 90 جو ڏهاڪو آهي جنهن وقت سنڌي ڪراچي ۾ ٿوري تعداد ۾ ۽ ڇڙ وڇڙ انداز ۾ رهندا هئا،

ڇاڪاڻ ته هن وقت سنڌي ايتري ته وڏي تعداد ۾ ڪراچي ۾ رهي رهيا آهن جو اهي انهن جي هر سازش کي ناڪام ڪرڻ جي قوت رکن ٿا. هنن جيڪر دوکي سان هڪ دفعو ٻيهر 80 ۽ 90 جي دور کي ورجايو ته کين هر وک تي مزاحمت جو منهن ڏسڻو پوندو ۽ سر جو جواب پٿر سان ملندو، پوءِ سنڌي ماڻهن کي اهو به حق هوندو ته اهڙن ماڻهن جي خلاف ”سنڌ خالي ڪريو“ جهڙي تحريڪ هلائجي، انڪري اردو آبادي کي پاڻ کي پناهگير سڏائڻ بجاءِ سنڌي سڏائڻ گهرجي. هن وقت ايم ڪيو ايم جا تعصب وارا بينر هڪ دفعو وري ڪراچي ۾ ڪا باهه ڀڙڪائڻ جي ڪوشش لڳي رهيا آهن. اسين سمجهون ٿا ته تعصب جي اها باھه وسائڻ به انهن سنجيده قسم جي اردو آبادي جي ذميواري آهي جيڪا ايم ڪيو ايم سان دل ئي دل ۾ نفرت ڪري ٿي ۽ ڪراچي ۾ وڏي انگ ۾ موجود آهي، هنن ماڻهن جي ٽن چئن پيڙهين هن ڌرتي تي جنم ورتو آهي پر افسوس ته پوءِ به هنن جي روح ۾ سنڌ خلاف نفرت جي باھه وسامي نه سگهي آهي.

بينرن تي اهو لکڻ ته ”ديهي سنڌ جو شهري سنڌ تي قبضو نامنظور“  يعني ايم ڪيو ايم وارن اسان سنڌ جي اصل مالڪن کي قابض قرار ڏيئي ڇڏيو آهي، حقيقت ۾ ته انهن پاڻ پناھه جي نالي تي سنڌ تي قبضو ڪيو آهي، هنن سنڌ ۾ پناهه ورتي ۽ هاڻ اصل وارثن کي قبضو ڪندڙ ٿا ڪوٺين!حيرت اها به آهي ته اهڙي نفرت ڀريل بينرن هڻڻ وارن تي نه ڪا ايف آئي آر ڪٽي ويئي آهي ۽ نه ئي اهڙا نفرت ڀريا بينر هٽائڻ جا ڪي اپاءُ نظر آيا آهن، ان ۾ سنڌ حڪومت کي به ڪردار ادا ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته ايئن پيو محسوس ٿئي ته ايم ڪيو ايم لنڊن ۽ پاڪستان هڪ سوچ تحت ڪراچي جي گلين ۽ رستن تي وري بيگناهن جو رت وهائڻ جي سازش پئي ڪري ڇاڪاڻ ته ايم ڪيو ايم جي سياست جو بنياد ئي دهشتگردي، رتوڇاڻ تي قائم ڪيل آهي. ان ڪري هڪ دفعو وري اها رت جي راند کيڏڻ جا سانباها ٿي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته ايم ڪيو ايم جي سياست جو بنياد ئي رت وهائڻ سان آهي، جيسيتائين رت جا ريلا نٿا وهن، تيسين انهن جي سياست اڳتي نٿي هلي،  ايم ڪيو ايم  ته ان ڏانئڻ وانگر آهي جيڪا پنهنجا ٻچا پڻ کائي ويندي آهي. مهاجرن جي همدردي حاصل ڪرڻ لاءِ اها ڏانئڻ ماضي ۾ پڻ پنهنجن ئي ٻچن کي ڳڙڪائي کائي ويئي ۽ هاڻ وري اها لسانيت جي ڳالهه ڪري رهي آهي.

لساني سياست جو بنياد ئي نفرت تي ٻڌل هوندو آهي ۽ نفرت سان وري تخريبڪاري جنم وٺندي ۽ تخربيڪاري سان نه ملڪ ترقي ڪندو نه سنڌ خوشحال ٿيندي نه تعمير ۽ ترقي ٿي سگهندي. ايم ڪيو ايم هن شهر ۾ هميشه نفرت جو  ٻج ته پوکيو آهي ليڪن هن شهر جي ترقي ۽ تعمير جي لاءِ ڪجهه به نه ڪيو آهي. ايم ڪيو ايم جي اهڙي سياست مان اردو ڳالهائيندڙن کي آخر ڇا حاصل ٿيو؟ هر حڪومت ۾ ايم ڪيو ايم شامل رهندي آئي آهي ليڪن اردو ڳالهائيندڙن  کي ڇا مليو؟

ايم ڪيو ايم جي سياست صرف ڪراچي کي لاش ڏنا، تعليم جو ٻيڙو غرق ڪيو ويو، روڊ رستا ۽ ڪراچي جي ادارن کي تباهه ڪيو ويو، فيڪٽرين ۾ باهيون ڏئي زنده ماڻهن کي ساڙيو ويو، ڇا انهن سمورن معاملن ۾ خود اردو ڳالهائيندڙن جو نقصان نه ٿيو؟

ايم ڪيو ايم کي صرف هڪ ئي ڪم ۾ مهارت آهي ته نفرت پکيڙيو، ٻورين ۾ لاش بند ڪري ٺڪاڻي لڳايو. پرچي ڏيئي ڀتو وصول ڪرڻ، عيد تي جانورن جون کلون زوري گڏ ڪرڻ، پنهنجي ئي آبادي جي عورتن جي بي حرمتي ڪرڻ ۽ کين بندوق جي زور تي پنهنجي جلسن ۾  آڻڻ جهڙا ڪم ايم ڪيو ايم جي سڃاڻپ رهي آهي.

اردو ۽ سنڌي ڳالهائيندڙن جي وچ ۾ نفرت پيدا ڪري کين پهرين ڇا حاصل ٿيو ۽ ان جي نتيجي ۾ جيڪو نسل وڌي وڏو ٿيو انهن کي ڇا حاصل ٿيو؟  جنهن نسل کي ايم ڪيو ايم ٻورين ۾ بند لاش ڏنا، ڀته خوري جو سبق سيکاريو ۽ رڳو ڦرون ڪرڻ جو فن ڏنو اهي اڄ ڇا ڪري رهيا آهن؟ يونيورسٽين ۾ پرامن ماحول ڇو خراب ٿيو، پارٽي جي غنڊن کي واٽر بورڊ جهڙي اداري ۾ ڀرتي ڪري ان اداري جو ٻيڙو غرق ڪيو ويو ۽ اڄ اهو ڪراچي جي شهرين کي پاڻي پهچائڻ وارو ادارو تباهه ٿي ويو. سچ ته اهو آهي ته ايم ڪيو ايم  وفاق ۾ PTI جي حڪومت جي اتحادي آهي.

ڪجهه وقت اڳ ڪنٽونمينٽ بورڊ جي اليڪشن ۾ ڪراچي جا شهري ايم ڪيو ايم خلاف فيصلو پڻ ڏيئي چڪا آهن ۽ صاف صاف چئي چڪا آهن ته ايم ڪيو ايم نامنظور، ته اهڙي صورتحال ۾ ڪراچي جي رستن تي بلدياتي نظام خلاف بينر هڻي ڪنهن کي ٿا بي وقوف ٺاهين. هوڏانهن مهانگائي پي ٽي آئي حڪومت ڪئي آهي ته ايم ڪيو ايم ڌمڪيون وري پ پ کي ۽ اسان سنڌين کي ڏئي رهي آهي! ايم ڪيو ايم هن وقت به حڪومت جو مزو وٺي رهي آهي ۽ اقتدار ۾ به شامل آهي پر اهڙي مهانگائي خلاف هڪ دفعو به عمران خان جي حڪومت کي ڇڏڻ لاءِ تيار نه آهي جنهن ڪري سنڌ ۾ نئون شوشو ڇڏيو ويو آهي ۽ ديهي سنڌ ۽ شهري سنڌ جي نالي تي نفرتون پکيڙيون وڃن.

مان سنڌ جي سمورن قوم پرست ڌرين توڙي پي پي، فنڪشنل ليگ، جي ڊي اي ۽ ٻين سياسي ڌرين کي گذارش ڪندس ته ايم ڪيو ايم جي اهڙي عمل خلاف هڪ ٿي وڃن، ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌين جي جان مال جي تحفظ لاءِ پڻ تيار ٿين ۽ سنڌ حڪومت کي به گهرجي ته اهڙا نفرت ڀريا بينر هڻندڙن خلاف فوري طور تي قانوني ڪارروائي ڪري اهڙا بينر هٽايا وڃن