حڪومت ۽ ايس ٽي ايس پاران هڪ ساراهه جوڳو قدم

0
345
پريشان-عوام،اقتداري-سياست-۽-شهيدن-جو-ش

  ڪجهه عرصو اڳ جڏهن ايس ٽي ايس پاران  جي اي ايس ٽيز ۽ پي ايس ٽيز (ماستري) جي ٽيسٽ جا نتيجا آيا ۽ انهن تي جيڪي هاءِ گهوڙا ٿي ۽ گهڻو ڪجهه لکيو ۽ ڳالهايو ويو اتي مون به پنهنجي هڪ ڪالم “پڙهڻ ۽ پڙهائڻ واري شعبي کي ايترو هلڪو ڇوٿا وٺو؟” جيڪو 2 آڪٽوبر 2021ع ۾ “پنهنجي اخبار” ۾ چپيو. ان ۾ڪجهه گذارشون رکيون هيون. جن مان هڪ گذارش هي به هئي ته اڄڪلهه جي مهانگائي، وبائي ۽ غيريقيني واري دور ۽ ماحول ۾ جتي هر ماڻهو ڳرن خرچن کي برداشت ڪرڻ واري باهه ۾ سڙي رهيو آهي اتي هڪ ته روزگار جا ذريعا تمام محدود آهن

ٻيو وري سرڪاري نوڪرين جي لاءِ ٿيندڙ ٽيسٽون به ماڻهن کي سواءِ مايوس ڪرڻ جي ٻيو ڪجهه به نٿيون ڏين. مون راءِ ڏني هئي ته روزگار جي لاءِ ٿيندڙ ٽيسٽن جي نتيجن کي “مدتوار ۽ سَنَدوار (ٽرمي وائيز اينڊ سرٽيفائيڊ)” ڪيو وڃي ته جيئن ماڻهو بار بار ٽيسٽ ڏيڻ جي خوارين ۽ هر هر خرچن کي ڪرڻ کان محفوظ رهن. مطلب هي هو ته ٿيندڙ ٽيسٽ جي نتيجن کي سرڪاري نوڪرين کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪجهه عرصي جي لاءِ جائز قرار ڏنو وڃي يعني انهن جا نتيجا ٻن يا ٽن سالن جي لاءِ قابلِ قبول هجن اهڙي طرح سان ذڪر هيٺ عرصي دوران جڏهن به جنهن به سرڪاري کاتي ۾ آسامي نڪري اچي ته ان تي انهن اميدوارن کي ترجيح ملڻ گهرجي جن وٽ گهربل آسامي جي لاءِ لاڳاپيل ٽيسٽ جو سرٽيفيڪيٽ هجي.

گذريل مهيني تعليم کاتي کان وٺي مڙني کاتن جي 5 کان 15 گريڊ جي آسامين جي لاءِ هڪ اشتهار سنڌ جي مختلف اخبارن ۾ ڇپيو. جنهن کي سروسز جنرل ايڊمنسٽريشن اينڊ ڪورآڊينيشن ڊپارٽمنٽ ۽ ايس ٽي ايس پاران گڏيل طور تي جاري ڪيو ويو آهي. آسامين جي ڀرتي جي لاءِ گهربل ليکي چوکي (اسڪور) جي لاءِ اهليت ۽ قابليت کي جانچڻ واري معيار جي لاءِ هڪ دفعو ٻيهر ايس ٽي ايس کي ٽيسٽ منقعد ڪرائڻ جي آڇ ڪئي وئي آهي. اشتهار ۾ هي پڙهي سرهائي ٿي رهي آهي ته ٽيسٽ ۾ ويهندڙ هر اميدوار کي هڪ ٽيسٽ سرٽيفيڪيٽ جاري ڪيو ويندو جيڪو سنڌ سرڪار جي ڪنهن به کاتي / اداري ۾ ملازمت حاصل ڪرڻ جي لاءِ ٽن سالن جي لاءِ قابلِ قبول هوندو يعني جائز قرار ڏنو ويندو.

وري ٽيسٽ مان پار پوڻ جون مارڪون به 40 سيڪڙو رکيون ويون آهن جيڪو پڻ هڪ ساراهه جوڳو عمل آهي. مون پنهنجي ان ڪالم ۾ “سنديافتا استادن” (سرٽفائيڊ ٽيچرز) جي ڳالهه به ڪئي هئي ۽ حڪومت کي راءِ ڏني هئي ته ڪو اهڙو طريقي ڪار يا رستو ڪڍيو وڃي جنهن سان اسان جي پڙهيل لکيل طبقي جي عزت نفس به متاثر نه ٿئي ۽ هو بار بار ٽيسٽن جي خرچن، خوارين ۽ پريشانين کان به بچي وڃي. منهنجي راءِ کي اهميت ڏني وئي يا اڳ ۾ ڪا اهڙي حڪومتي پاليسي وجود رکئي پئي جنهن تي حالتن جي موجب هاڻي عمل ڪيو ويو آهي. ڇا به هجي ڪم ڀلو ٿي رهيو آهي ۽ ڀلي ڪم جي تعريف ڪرڻ سان گڏ ان جي حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي.

مامرن ۽ مسئلن جا حل خواهشن ۽ خيالن مان نڪري جڏهن هڪ نظام جي صورت وٺندا آهن ته اهي خود انهن ماڻهن جي لاءِ به وقار ۽ مرتبي جو سبب بڻجندا آهن جيڪي هر معاملي ۾ پنهنجي مرضي هلائيندا ۽ ٽنگ اڙائيندا رهندا آهن ۽ مسئلو حل ٿيڻ جي بدلي وڌيڪ خراب ٿي ويندو آهي. گڏ و گڏ اهي نظام عام ماڻهن جي مسئلن ۽ ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ آساني پيدا ڪندڙ به بڻجي پوندا آهن. دنيا به هڪ نظام تحت هلي رهي آهي. هر انسان اندر به هڪ نظام موجود آهي اهڙي طرح سان جيڪي ملڪ، معاشرا ۽ ادارا جڏهن پنهنجي ڪمن ڪارين کي هڪ طريقي ڪار جي تابع رکڻ ۽ آرام سان اڪلائڻ جي لاءِ خاص طور تي پنهنجي عوام کي سهولتون پهچائڻ جي لاءِ ڪو نظام يا ڪو سرشتو جوڙين ٿا ۽ ان تي ان جي روح جي مطابق عمل ڪن ٿا ته اهي ملڪ، معاشرا، ادارا ۽ عوام هر مسئلي ۽ مونجهه کان آجا رهن ٿا ۽ ترقي ڪندا اڳتي وڌندا هلن ٿا.

اسان وٽ چاهي گهر هجن يا دفتر، ادارا هجن يا حڪومتي ايوان هڪ ته هي سڀ هوا ۾ هلن ٿا پر جيڪڏهن ڪو نظام يا ڪو سرشتو جوڙين ٿا ته اهو نقصن سان ايڏو ته ڀريل هوندو آهي جو ان تي جڏهن عمل ڪبو آهي ته اهو خود هڪ مسئلو بڻجي پوندو آهي جهڙي طرح سان ذڪر هيٺ ماستري جي ٽيسٽن جي “ريڪروٽمنٽ پاليسي (تدريسي ۽ غير تدريسي عملو) 2017ع” نانا پاٽيڪر جي ان هڪ مشهور ڊائلاگ وانگي ته، “سالا ايڪ مڇر آدمي ڪو ……………. بنا ديتاهي.” هر اميدوار سان گڏ پوري تعليمي کاتي جون به متيون منجهائي ڇڏيون. ٽيسٽ ۾ 60 سيڪڙي تي پاس ٿيڻ واري حد ۽ هر مضمون ۾ 45 سيڪڙي واري شرط نانا پاٽيڪر جي ڊائلاگ وانگي سڀني کي نهن تي نچائي ڇڏيو. مسئلو ان وقت اڃان به وڌيڪ مزيدار ٿي ويو جڏهن 20 مارڪن وارن مضمونن جو 45 سيڪڙو ته نڪري پيو پر 10 مارڪن وارن مضمونن جو 45 سيڪڙو ڪونه پيو نڪري.

هاڻي جڏهن اسان جي تعليم کاتي جي عملدارن بسميت تعليم جي وزير ۽ سندس جي لاڳاپيل عملي کي هي احساس ٿي چڪو آهي ته ڇونه ڀلا پوءِ هن سٺي ڪم کي اڳتي وڌائجي. وقت پٽاندڙ، جديد گهرجن جي حساب سان ۽ ماضي جي تجربن جي آڌار تي ڇونه هڪ اهڙي نئين ڀرتي پاليسي کي تيار ڪيو وڃي جنهن کي تعليمي نظام جي لاءِ هڪ تاريخي وک تصور ڪيو وڃي. ڇونه اهڙو ڪجهه ڪيو وڃي جو اسان کي جڏهن استاد گهرجن ته صرف اعلان ڪرڻ جي دير هجي ۽ استادن جا ڍير لڳي وڃن. اسان پنهنجي نوجوان گريجوئيٽس، پوسٽ گريجوئيٽس، سبجيڪٽ ماسٽرز، ۽ تعليمي شعبي جي لاءِ قيادتي ڊگرين کي رکڻ وارن اميدوارن کي ڇونه مان ڏيون. هر وقت جي افراتفرين، پريشانين، الجهنن ۽ مسئلن مان جند ڇونه آجي ڪيون. ڇونه اهڙي ڪا پاليسي مرتب ڪيون جيڪا ادارن جي گهرج جي مطابق کليل مارڪيٽ مان ئي اسان کي اميدوار فراهم ڪري. اسان جي حڪومت کي بس ايترو سو ڪرڻو پئي ته اها ڪجهه يونيورسٽين کي “سرٽيفائيڊ ٽيچرز” کي تيار ڪرڻ جا لائسنز جاري ڪري. باقي يونيورسٽيون ڄاڻن يونيورسٽين جا ڪم.

دنيا ۾ سرٽيفائيڊ ٽيچرز جو ڪم زورن تي آهي. تعليمي ادارن کي جڏهن به استاد گهرجن ٿا ته اهي صرف اشتهار جاري ڪن ٿا. استادن جي قطار لڳي وڃي ٿي ڇاڪاڻ جو هنن وٽ پنهنجي پنهنجي شعبي يعني پڙهڻ ۽ پڙهائڻ وارا مدتوار سرٽيفيڪيٽس هوندا آهن. سرٽيفائيڊ ٽيچرز نه ڪي انٽرويوز ۾ منجهن، نه پڙهڻ پڙهائڻ کان لهرائين، اعتماد هنن ۾ زبردست، شخصيت هنن جي اتساهيندڙ ۽ ٻارن کي ڪيئن پڙهائجي اهو ڪير هنن کان سکي. جيڪڏهن اسان جي سنڌ حڪومت ايئن ڪري ٿي ته هي ڪم سندس جي ڪارڪردگي واري رپورٽ ڪارڊ ۾ هڪ نمايان جاءِ والاريندو. هن سان هڪ ته حڪومت گهڻين خوارين کان بچي پوندي، ٻيو سڄو ڪم يونيورسٽيون پاڻ ڪنديون. ڇاڪاڻ جو جيڪي ڄڻن سي پالين. تعليم جي سڌاري جي لاءِ بهتر ڪم تعليمي ادارا ئي ڪري سگهن ٿا نه ڪي سياستدان يا ڪامورا يا ٻاهريون ڊونر ايجنسيون. سياستدانن جو ڪم قانون سازي ڪرڻ، ملڪ ۾ سلامتي کي يقيني بڻائڻ ۽ دنيا سان بهتر لڳ لاڳاپا قائم ڪرڻ آهي نه ڪي هڪٻئي جا پير ڪڍڻ.

ڪيترو نه سٺو ٿي پئي جيڪڏهن اسان پنهنجي ڀرتي پاليسين، پنهنجي گهرن کي تيار ڪرڻ يا شهري رٿابندي جي لاءِ جيڪي پاليسيون ۽ جيڪي قاعدا يا ضابطا تيار ڪيون انهن کي عالمي پاليسين کي سامهون رکي ۽ لاڳاپيل ماهرن سان گڏجي ويهي ڇونه تيار ڪيون. ڇو پنهنجي تڪ جي عوامدار، وڏيري يا ڪنهن ٻئي اثرداري شخصيت جي خواهشن يا صرف پنهنجي پارٽي جي مرضي ۽ سوچ کي سامهون رکي تيار ڪيون. نتيجا ڀوڳي به چڪا آهيون، ڀوڳي رهيا آهيون ۽ ڀوڳڻ جو هي سلسلو جيڪڏهن ايئن ئي هلندو رهيو ته نه سنڌ خوشحال ٿيندي، نه ملڪي ناماچاري ۾ اضافو ٿيندو ۽ نه ئي عوام جي زندگي ۾ ڪا بهتري ايندي. اميد ٿا ڪيون ته ايندڙ وقت ۾ جهڙي طرح سان ذڪر هيٺ ٽيسٽ واري سرٽيفيڪيٽ کي ٽن سالن جي لاءِ جائز قرار ڏنو ويو آهي اهو وقت پري ناهي جڏهن اسان وٽ سرٽيفائيڊ ٽيچرز به موجود هوندا. سرٽيفائيڊ ٽيچرز پنهنجي مضمون ۾ مهارت رکڻ وارا به ته سڀني مضمونن کي پڙهائڻ وارا به خاص طور تي پرائمري ڪلاسز کي پڙهائڻ جي لاءِ. خانگي اسڪولن کي به بعد ۾ پابند بڻائي سگهجي ٿو ته اهي ترجيح سرٽيفائيڊ ٽيچرز کي ڏين. ڀرتين ۽ پگهار جي لاءِ حڪومت پاران اعلانيل معيارن کي سامهون رکن.