وري عوام جي کيسي کي کاٽ

0
191
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

لڳي ٿو ته حڪومت فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته خزاني جي کوٽ عوام جي کيسي مان ئي پوري ڪرڻي آهي، نه پنهنجا معاشي وسيلا وڌائڻا آهن نه ئي غير ضروري خرچ گهٽ ڪرڻا آهن،جيڪو بار ٿئي ٿو اهو عوام جي ڳچي ۾ ئي وجهڻو آهي. عوام به هر ڀيري پنهنجي کيسي کي کاٽ لڳندو ڏسي  پنهنجا خرچ گهٽائيندي گهٽائيندي هاڻي رڳو انهي ڪوشش ۾ آهي ته  ٻه ويلا ماني جا محفوظ هجن باقي ڄڻ ته هو جيڪو ڪمائي ٿو اهو سرڪار کي ئي ڏيڻو آهي. مخالف ڌر جي پارٽين وري  رڳو مهانگائي خلاف   بيان جاري ڪرڻ کي ئي پنهنجي ذميواري سمجهي ڇڏيو آهي،اهڙو ڪو عمل ناهي ڪرڻو جنهن سان حڪومت تي  ڪودٻاءُ اچي ته هو عوام کي وڌيڪ سوڙهو ڪرڻ کان پاسو ڪن. ايئن ئي چاڪي جي ڏاند جيان ملڪي گاڏو به هلي رهيو آهي،حڪومت مهانگائي مٿان مهانگائي ڪري رهي آهي،عوام اهو بار سهي رهيو آهي ۽ مخالف ڌر رڳو بيان ڏئي پنهنجي ذميواري پوري ڪري رهي آهي.

فيول ايڊجسٽمينٽ اهڙو هٿيار  آهي جنهن مان حڪومت پنهنجي کوٽ پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي رهي ٿي، اڳ ۾ اها هٿيار  هڪ  ٻه ڀيرو استعمال ٿيندو هو ۽ عوام جي کيسي مان  سال ۾هڪ ٻه ڀيرو  اربين رپيا ڪڍيا ويندا هئا پر جيئن جيئن عوام عادي ٿي ويو آهي حڪومت اهو هٿيار استعمال ڪرڻ وڌائي ڇڏيو آهي،هاڻي تقريبن هر مهيني انهي هٿيار سان اربين رپيا عوام جي کيسي مان ڪڍياوڃن ٿا.جنهن ڪري مهانگائي جو ماريل عوام هاڻي هر مهيني اوچتو اضافي بلن سبب پريشان ٿي رهيو آهي.تازو آءِ ايم ايف جي فرمائش تي بجلي جا اگهه اڳ ئي وڌايا ويا آهن جنهن ڪري عام ماڻهو جي وس جي ڳالهه ئي نه رهي آهي ته اهي بجلي جا بل ڀري سگهي  ته مٿان وري ٻه ڏينهن اڳ  وفاقي حڪومت بجلي جي قيمت پوڻا پنج رپيا في يونٽ وڌائي ڇڏي آهي.

وفاقي حڪومت فيول ايڊجسٽمينٽ جي نالي تي اها قيمت وڌائي ڊسمبر جي بل ۾ اوڳاڙڻ جو چيو آهي  جنهن سان حڪومت کي 60 ارب رپيا ملندا، مطلب ته اهي پئسا عوام جي کيسي مان ويندا.حڪومتون پنهنجو معاشي پاليسيون اهڙيون ٺاهينديون آهن جيئن انهن جا معاشي وسيلا وڌن ۽ ڪمائي ٿئي ته جيئن عوام کي انهن مان ڪو رليف ڪا سهولت ڏئي سگهجي. تنهن ڪري حڪومتون پنهنجا غير ضروري خرچ گهٽائينديون آهن ۽ ايڪسپورٽ تي وڌيڪ ڌيان ڏينديون آهن، جيئن ڊالر ملڪ ۾ اچي سگهي جنهن سان ناڻي جا ذخيرا به مستحڪم رهندا آهن ته رپئي جي قدر ۾ به اضافو ٿيندو آهي پر هتي ٿئي ان جي ابتڙ ٿو، حڪومت عوام کي رليف يا سهولت ڏيڻ بدران ان جي کيسي تي ئي سڄي معيشت جو بار رکي ڇڏيو آهي. عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جون قيمتون وڌن ٿيون تڏهن به اهو بار پيٽرول جون قيمتون وڌائي وصول ڪيو وڃي ٿو پر جڏهن عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽرول جا اگهه گهٽجي ٿاوڃن تنهن هوندي به ان جو فائدو عوام کي ڏيڻ بدران ساڳيا اگهه وٺي حڪومت ملڪي خزاني ۾ وجهندي رهي ٿي.

ڇا حڪومت  ڪڏهن پنهنجي غير ضروري خرچن کي گهٽائڻ تي سوچيو آهي ؟وزيرن جي فوج ظفر موج ،صلاحڪارن جون لائينون، انهن جا پروٽوڪول، آفيسن تي خرچ  ڇا انهن کي گهٽائڻ لاءِ ڪڏهن هن حڪومت سوچيو آهي يا عوام جو کيسو ايڏو سولو لڳو آهي جو جنهن وقت ضرورت ٿي پوي ان وقت انهي کي کاٽ هڻي پنهنجا خرچ پورا ڪيا ٿا وڃن. سبسڊيون ختم ڪيون ويون،ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ جي تياري آهي ،بجلي جا اگهه وڌايا ويا، پيٽرول جون عالمي مارڪيٽ ۾ قيمتون گهٽ ٿيڻ باوجود اهو رليف به عوام کي نه ٿو ڏنو وڃي مٿان وري هر مهيني فيول ايڊجسٽمينٽ جي نالي تي عوام جي کيسي مان پئسا ڪڍيا ٿا وڃن اهي به هڪ ئي ڌڪ سان 60 ارب رپيا، ته باقي هي حڪومت ڪهڙيون معاشي پاليسيون جوڙيندي جن سان عوام کي فائدو پهچي.

اسان سمجهون ٿا ته هي فيول ايڊجسٽمينٽ جي نالي تي عوام جي کيسي تي کاٽ آهي جيڪو حڪومت تقريبن هر مهيني هڻي رهي آهي.مهانگائي جي ماريل عوام ۾ اهو بار سهڻ جي سگهه نه رهي آهي، تنهن ڪري حڪومت پنهنجا غير ضروري خرچ گهٽائي ۽ پنهنجي وسيلن کي وڌائي ته جيئن غريب عوام ڪو سک جو ساهه کڻي سگهي.  حڪومتون عوام جو ڀرجهلو ٿينديون آهن هتي ته حڪومت پنهنجي خرچن لاءِ عوام تي اضافي بار مٿان بار وجهي رهي آهي جيڪا ناانصافي آهي.