نصيرآباد (ن پ ا) چار ڏينھن اڳ ڪراچي جي ڪورنگي ضلعي جي الفلاح ٿاڻي جي حد ۾ مارجي ويل نصيرآباد جي ٻن ڄڻن علي اڪبر ڦلپوٽو ۽ محمود اعواڻ جو ٽيجهو ٿيو، وارثن شعبان خاتون زال مقتول علي اڪبر، سندس امڙ امينا ۽ ڀاءُ علي گل ڦلپوٽو پنھنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو ته مارجي ويل ٻئي نوجوان بيگناھ آھن.ھنن چيو ته علي اڪبر ڦلپوٽو فيڪٽري ۾ پورھيو ڪندو ھو، جيڪو آچر ڏهاڙي موڪل تي دوستن سان گھمڻ ويو ته ان جو چچريل لاش مليو. ھنن سنڌ جي وڏي وزير، آءِ جي سنڌ سميت ھاءِ ڪورٽ کي اپيل ڪندي چيو ته واقعي جي جاچ ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.