ميرپورماٿيلو (ن پ ا) ھفتو اڳ ڏھرڪي ۾ مذهب مٽائي پسند جو پرڻو ڪندڙ ڏھرڪي واسڻ ناري مسڪان فاطمه کي گذريل ڏينهن ميرپورماٿيلو پوليس سيڪنڊ سول جج ميرپورماٿيلو جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي ناري عدالت ۾ 164 جا بيان ڏيندي چيو ته هن رضا خوشي سان مذهب مٽائي مسلمان ٿي ڪري اوٻاوڙي واسي سهيل اختر ملڪ سان پسند جو پرڻو ڪيو آهي، مون کي نه ڪنهن ورغلايو آهي ۽ نه وري ڪنهن اغوا ڪيو آهي، آئون پنهنجي مڙس سهيل اختر ملڪ سان خوش آهيان ۽ ان سان گڏ رهڻ چاهيان ٿي. اهڙي بيان بعد عدالت ناريءَ کي مڙس حوالي ڪري ڇڏيو.