جمال شاھ (ن پ ا) جمال شاھ ڀرسان روھڙي ڪئنال ۾ ٻڏي ويل پوليس اهلڪار جو لاش هٿ نه اچي سگهيو، ڳولا جاري، وارث پريشان. خبر موجب گذريل ڏينهن پوليس اھلڪار جاويد علي رند بحريا ٽائون کان رات جي ڊيوٽي ڪرڻ بعد پراسرار نموني گم ٿي ويو هو، صبح جو گهر نه پهچڻ تي وارثن پاران ڳولا بعد سندس موٽر سائيڪل روھڙي ڪئنال جي وارث علي شاھ ريگيوليٽر وٽان هٿ آئي هئي، پوليس اھلڪار جي ڀاءُ بشير رند موجب سندس ڀاءُ کي مرگھي جي بيماري ھئي، جيڪو روھڙي ڪئنال ۾ ڪري ٻڏي ويو آهي، اهلڪار جو ٽئين ڏينهن به لاش ملي نه سگهيو، جنهن ڪري سندس وارث سخت پريشان آهن.