ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ حڪومت ڪراچي ۾  پيپلز انٽرا سٽي بس سروس شروع ڪرڻ جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون، اڄ بلال ڀٽو زرداري بس سروس جو افتتاح ڪندو، پهرين مرحلي ۾ ڪراچي جي 7 مختلف روٽن تي 240 بسون هلايون وينديون، ان ڏس ۾ ڪراچي شهر اندر پبلڪ ٽرانسپورٽ ناڪاره هجڻ وارين شڪايتن کانپوءِ سنڌ سرڪار پاران شهر ۾ پيپلز انٽراسٽي بس سروس منصوبو شروع ڪرڻ جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن، اڄ پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پيپلز بس سروس جو باضابطه طور تي افتتاح ڪندو، افتتاحي تقريب ۾ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاھ،  اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ وارو صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ ٻيا پڻ شرڪت ڪندا.\