راولپنڊي (م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه کي سعودي عرب جي ڪنگ عبدالعزيز ميڊل آف ايڪسيلنس  ڪلاس جي اعزاز سان نوازيو ويو. پاڪ فوج جي ترجمان اداري (آءِ ايس پي آر) موجب آرمي چيف جده ۾ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ سعودي ولي عهد آرمي چيف کي ڪنگ عبدالعزيز ميڊل آف ايڪسيلينٽ ڪلاس سان نوازيو. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف ۽ سعودي ولي عهد جي ملاقات دوران سعودي دفاع وارو وزير ۽ سعودي چيف آف جنرل اسٽاف به موجود هئا جڏهن ته ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت ٻطرفي دفاعي ۽ سيڪيورٽي سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر موجب ملاقات ۾ گڏيل تربيت، فضائي دفاع، دهشتگردي جي خاتمي، مواصلات، انفارميشن ڊومين جي شعبن ۾ دفاعي سهڪار سميت دوستاڻن لاڳاپن ۽ جٽادار اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ کي هٿي ڏيڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. ان موقعي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه اسلامي دنيا ۾ سعودي عرب جي مقام جي ساراهه ڪندي چيو ته پاڪستان سعودي عرب سان تاريخي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي قدر جي نظر سان ڏسي ٿو.