ڪراچي ۾ استادن جو ٻئي ڏينهن به احتجاج، پوليس ڪڙڪي پئي، گرفتاريون

0
376
ڪراچي ۾ استادن جو ٻئي ڏينهن به احتجاج، پوليس ڪڙڪي پئي، گرفتاريون
ڪراچي ۾ استادن جو ٻئي ڏينهن به احتجاج، پوليس ڪڙڪي پئي، گرفتاريون

ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي ۾ استادن جو ٻئي ڏينهن به احتجاج، پوليس استادن تي ڪڙڪي پئي، 10 کان وڌيڪ استادن کي گرفتار ڪيو ويو آهي

استادن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو، استاد ڪراچي پريس ڪلب تي احتجاج ڪري رهيا هئا جنهن دوران پوليس مٿن ڪڙڪي پئي

پوليس 10 استادن کي گرفتار ڪري آرٽلري ٿاڻي منتقل ڪيو، پوليس جو چوڻ آهي ته ريڊ زون ۾ وڃڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، روڊ زون ۾ احتجاج ڪندڙن کي گرفتار ڪيو ويندو

استادن جو چوڻ آهي ته سڀني استادن کي نوڪري ڏيڻ واري تاريخ کان پڪو ڪيو وڃي، سينئر پرائمري استادن کي 17 هون گريڊ ڏنو وڃي، استادن جي تذليل جو سلسلو بند ڪيو وڃي، بائيوميٽرڪ ضلعي ليول تي ڪئي وڃي

استادن چيو ته  پرائمري اسڪولن ۾ گزيٽيڊ هيڊ ماستر مقرر ڪرڻ وارو شرط واپس ورتو وڃي، ٽريزري آفيسن ۾ رشوت وٺڻ وارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، رٽائرڊ ٿيندڙ استادن کي فوري پينشن جا پئسا ڏنا وڃن، لائيسنس پاليسي ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي اهو قدم به واپس ڪيو وڃي

استادن چيو ته گروپ انشورنس پاليسي جا پئسا رٽائرمينٽ جي فورن ڏنا وڃن، بدين جي استاد امتياز عمراڻي کي فوري طور تي بحال ڪيو وڃي

هي به پڙهندا

سنڌ پوليس کي ڌاڙيلن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ مشين گنز ڏيڻ جي اجازت