سنڌ پوليس کي ڌاڙيلن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ مشين گنز ڏيڻ جي اجازت

0
604
سنڌ پوليس کي ڌاڙيلن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ مشين گنز ڏيڻ جي اجازت
سنڌ پوليس کي ڌاڙيلن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ مشين گنز ڏيڻ جي اجازت

ڪراچي: سنڌ پوليس کي ڌاڙيلن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ مشين گنز ڏيڻ جي اجازت ملي وئي، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جو چوڻ آهي ته ڪشمور ضلعي ۾ ڌاڙيلن جي چئلينج جو مقابلو ڪري رهيا آهيون، جديد هٿيارن سان ڌاڙيلن کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملندي

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي  آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته اسان جو هڪ ايس ايڇ او ڌاڙيلن سان ڳالهين دوران اغوا ٿي ويو، آمريڪا ۾ به پوليس آفيسر ڏوهارين سان ڳالهيون ڪندا آهن

سندس چوڻ هو ته هتي سنڌ پوليس جا آفيسر مغوين جي بازيابيءَ لاءِ اهڙيون ڪوششون ڪن ٿا ته انهن تي تنقيد ٿئي ٿي، ميڊيا ڌاڙيلن جي پروجيڪشن کان پاسو ڪندي پوليس جو ساٿ ڏئي

غلام نبي ميمڻ وڌيڪ چيو ته پوليس 6 مهينن دوران 60 کان وڌيڪ ڌاڙيل ماري چڪي آهي، ان جو ڪو به ذڪر نه پيو ٿئي