حيدرآباد ۾ نينگري جي زبردستي شادي: گهوٽ ۽ مولوي سوڌو 7 ڄڻن جا گرفتاري وارنٽ جاري

0
383

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قاسم آباد ۾ 2 سال اڳ ننڍي عمر جي نينگري پاران شادي ڪرڻ وارو معاملو، سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 7 جي عدالت نينگري سان شادي ڪندڙ نوجوان ۽ مولوي سميت 7 ڄڻن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن

عدالت قاسم آباد پوليس کي نينگري هٿ ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، شهدادپور واسي مير اياز ٽالپر وڪيل نعمان سليم ميمڻ معرفت سيونٿ سول جج اينڊ جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي

درخواستگذار موجب 15 نومبر 2021ع تي نوجوان غلام مصطفيٰ لغاري مائٽن سان گڏجي 15 سالن جي نياڻي عشا سان زبردستي شادي ڪئي

نياڻي جي عمر ننڍي آهي ان ڪري سندس شادي سنڌ چائلڊ ميرج ايڪٽ 2013ع جي ڀڃڪڙي آهي، گذريل ٻڌڻي تي عدالت ايس ايڇ او قاسم آباد کان رپورٽ طلب ڪئي هئي

وڪيل جو چوڻ آهي ته ايس ايڇ او قاسم آباد عدالت رپورٽ فراهم ڪندي ڄاڻايو ته نڪاح نامو ۽ ٻيا ثبوت به کين هٿ آيا جنهن مان اها ڳالهه ثابت ٿي آهي ته عشا جي عمر اڃا شادي جي نه هئي

عدالت ايس ايڇ او جي رپورٽ کانپوءِ عشا سان شادي ڪندڙ مڙس غلام مصطفيٰ لغاري، سندس مائٽن نور احمد لغاري، مير محمد لغاري، عالم خان لغاري، مير حسن لغاري، سکيو ٽالپر ۽ نڪاح پڙهائيندڙ مولوي عالم محرم الدين قادري جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪيا