ٽنڊوالهيار واسي نينگر 6 ڏينهن کان گم، اغوا جو شڪ ظاهر

0
284
ٽنڊوالهيار واسي نينگر 6 ڏينهن کان گم، اغوا جو شڪ ظاهر
ٽنڊوالهيار واسي نينگر 6 ڏينهن کان گم، اغوا جو شڪ ظاهر

ٽنڊو الهيار (رپورٽر) ٽنڊوالهيار جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ حيدر جروارجو  واسي 7 ورهين جو نينگر زاهد علي جروار  6 ڏينهن کان پراسرار طور گم آهي

وارثن پاران نينگر جي اغوا جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي، نينگر جي ڳولا ڪئي پئي وڃي جڏهن ته نينگر جي گهر ۾ پريشاني واري صورتحال آهي

نينگر جي والد اڪبر جروار رابطو ڪرڻ تي چيو ته منهنجو معصوم پٽ زاهد جروار هڪ هفتي کان گم آھي، پوليس ڪو به تعاون نٿي ڪري

هن چيو ته مونکي شڪ آهي ته منهنجي پٽ سان به نينگر نريش ڪمار جهڙو واقعو پيش نه آيو هجي، هن روئيندي چيو ته خدارا ڪٿي منهنجو گلن جهڙو معصوم نينگر بگهڙن جي ور نه چڙھي ويو هجي

هن چيو ته خدارا منهنجي پٽ جي ڳولا ۾ مدد ڪريو، وزيراعليٰ سنڌ ۽ آءِ جي سنڌ نوٽيس وٺي ۽ پٽ جي واپسي لاءِ قدم کنيا وڃن