ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) ڪراچي ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي، پابندي مڙهيل بلوچستان لبريشن آرمي سان لاڳاپا هجڻ جي الزام هيٺ هڪ ڏوهاري گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ، سي ٽي ڊي ترجمان موجب ڳجهي اطلاع تي سعيد آباد ٿاڻي جي حد نادرن باءِ پاس ويجهو نيو الواجد ڪوئيٽا درٻار هوٽل وٽ ڪارروائي ڪري جوابدار محمد آصف بروهي عرف ڊان پٽ رحيم بخش کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان ڪلاشنڪوف ۽ 10 رائونڊ هٿ ڪيا، سي ٽي ڊي موجب گرفتار جوابدار ڪراچي ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ قتل، ڀتي خوري ۽ اغوا سميت ڪيترن ئي وارداتن ۾ ملوث ۽ پوليس کي گهربل هو. جوابدار آصف بروهي جاچ دوران ٻڌايو ته هن جو تعلق بي ايل اي جي محمد بخش سوملاڻي 2009 ۾ بلوچستان لبريشن آرمي ۾ شامل ٿيو، ان سال ئي وڍهه جي علائقي ۾ قائم بي ايل اي جي ٽرينگ سينٽر ۾ هٿيار هلائڻ ۽ دهشتگردي جي سکيا حاصل ڪئي. سي ٽي ڊي موجب 2011 ۾ پنهنجي ساٿي شاڪر کي منگهي پير ۾ قتل ڪيو، 2014 ۾ ساڳي علائقي ۾ يارمحمد عرف يارو کي قتل ڪيو، 2015 ۾ هڪ ڊينٽر کي قتل ڪيو، 2016 ۾ ڪٽي پهاڙي جي علائقي ۾ رياض نالي شخص کي ماريو، 2017 ۾ بلوچستان جي علائقي بند مراد محمد رفيق ۽ غلام مصطفيٰ کي قتل ڪيو جڏهن ته 2019 ۾ ساڪران جي علائقي ۾ الله بخش نالي شخص کي قتل ڪيو. سي ٽي ڊي موجب جوابدار محمد آصف بروهي عرف ڊان جاچ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ته ماربل فيڪٽري جي ڊيلر ميرجان کي اغوا ڪري 85 لک رپيا ڀنگ ورتو، خضدار ۾ واپاري حاجي حڪيم کي اغوا ڪري ان جي وارثن کان 46 لک رپيا ڀنگ ورتو، نذربنجگوري کي اغوا ڪري 90 لک رپيا ڀنگ ورتو، جوابدار کان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.