دمشق (م ڊ) شام جي شهر بالميرا ۾ روسي جهازن جي بمباري جي نتيجي ۾ 200 ڄڻا مارجي ويا آهن. روس پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته هوائي حملي ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ويو جنهن ۾ ٻه سئو کن دهشگرد مارجي ويا آهن جڏهن ته 24 گاڏيون ۽ 200 ڪلو جي ويجهو ڌماڪيدار مواد کي به تباهه ڪيو ويو آهي. روس موجب حملي واري جاءِ تان دهشتگرد شام جي مختلف شهرن ۾ حملن جي منصوبابندي ڪندا هئا ۽ هٿيارن سميت ٻيو بارودي مواد ٺاهيو ويندو هو. ايندڙ صدارتي چونڊن کان اڳ شام ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي منصوبابندي هتان پئي ڪئي وئي. ٻئي طرف شام ۾ برطانوي انساني حقن جي تنظيم موجب روسي هوائي جهازن 220 جي ويجهو حملا ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ صرف 26 دهشتگرد مارجي ويا.