ڪراچي کان راڻيپور لاش کڻي ويندڙ ايڌي ايمبولينس کي حادثو

0
186
مورو ويجھو روڊ

مٽياري( ن پ ا) ڪراچي کان راڻيپور لاش کڻي ويندڙ ايڌي ايمبولينس سان روڊ حادثو، سعيدآباد ڀرسان ڳوٺ نبي بخش چانگ سامهون ٽريڪٽر ٽرالي سان ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ ايمبولينس ڊرائيور جون ٻئي ٽنگون ڀڄي پيون، حادثي جي اطلاع تي پوليس پهچي ڊرائيور کي حيدرآباد ريفر ڪيو.