ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪاميٽي چتاءُ ڏنو آهي ته ڪورونا ايس او پيز جي نالي تي ڪراچي پوليس جي ڀتاخوري بند نه ٿي ته عوام رستن تي ايندو، جنهن جي ذميوار سنڌ حڪومت هوندي، ڪالهه ايم ڪيو ايم مرڪز تي پريس ڪانفرنس ڪندي سينيٽر فيصل سبزواري ۽ اڳوڻي ميئر وسيم اختر چيو ته ڪراچي ڪيترن سالن کان مشڪلاتن جو شڪار آهي، وفاقي توڙي سنڌ حڪومت مسئلا حل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيون آهن، ڪورونا ايس او پيز جي نالي ۾ ڪراچي ۾ هڪ سو کان وڌيڪ مارڪيٽون بند ڪيون ويون آهن، جيڪي رشوت وٺي کوليون وڃن ٿيون، اي سيز ۽ ڊي سيز فرعون ٿي ويا آهن، اسٽريٽ ڪرائيم چوٽ چڙهيل آهي، جنهن سبب عام شهري پريشان آهي، اهڙي صورتحال ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت سندن مدد ڪن، هنن چيو ته پوليس جو ڪم ماڻهن جو تحفظ ڪرڻ آهي پر بد قسمتي سان ڪراچي جي پوليس غير مقامي آهي، انهي ڪري اها پوليس دڪان کولڻ ۽ بند ڪرائڻ لاءِ رشوت طلب ڪري رهي آهي، سيف سٽي جي نالي تي اربين رپيا خرچ ڪيا ويا آهن پر هتي ڪو به سيف سٽي جو تصور ئي ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته وزيراعليٰ جاچ ڪرائي ته پوليس ۾ ڪير ڀتا خوري پيو ڪرائي؟ ٻي صورت ۾ ڪراچي جو عوام رستن تي ايندو.