مٺي ( رپورٽر ) حيدرآباد جي عدالت صحت کاتي ٿرپارڪر ۾ 6 سال اڳ ميرٽ تي ڀرتين بعد سياسي بنيادن تي برطرف ڪيل 41 ملازمن کي بحال ڪرڻ جو حڪم ڏنو آھي. صحت کاتي ٿرپارڪر جي 590 ننڍن ملازمن کي سال 2015ع ۾ ڀرتي ڪيو ويو هو جن مان 90 ملازمن جي سياسي سفارش نه هجڻ ڪري کين مقامي آفيسرن برطرف ڪري ڇڏيو هو. عدالت ۾ پٽيشن بعد سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد پاران بحالي جي حڪم باوجود صحت کاتي باقي ملازمن کي بحال ڪيو پر 41 ملازمن کي بحال ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو. متاثر ملازمن ٻيهر توهين عدالت جي درخواست داخل ڪئي هئي. گذريل ڏينهن هاءِ ڪورٽ حيدرآباد جي 2 رڪني بئنچ دليل ٻڌڻ بعد ڄاڻايل 41 ملازمن کي نوڪري تي بحال ڪرڻ جو حڪم ڏنو. درخواست گذار ۽ بحال ٿيل ملازمن ۾ نظر محمد ڪلر، جهامن داس شواڻي، غلام مصطفيٰ، محمد اسحاق نهڙيو، دسرت ۽ ٻيا شامل آھن. جڏھن ته سندن ڪيس جي پيروي نامياري وڪيل بئريسٽر فيضان حسين ميمڻ ڪئي.