اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ايندڙ مالي سال 22-2021ع جي ترقياتي پروگرام ي حوالي سان مشاورتي اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ ناڻي وزير شوڪت ترين، رٿابندي جي وفاقي وزير اسد عمر، صنعت پيداوار جي وزير مخدوم خسرو بختيار، وزيراعظم جي خصوصي معاون ڊاڪٽر وقار مسعود ۽ ٻين سينيئر عملدران شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ هلندڙ مالي سال جي ترقياتي پروگرام ۾ شامل منصوبن تي جاري ٿيل رقم، انهن جي استعمال جو جائزو ورتو ويو، جڏهن ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ ترقياتي پروگرام جي تجويزن، ترقياتي پروگرام ۾ شامل ٿيندڙ نين اسڪيمن بابت ترجيحون مرتب ڪرڻ ۽ جاري منصوبن تي وڌيڪ اڳڀرائي ڪرڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم عمران خان عوامي فلاحي ۽ ترقياتي منصوبن جي حوالي سان ترجيحون مرتب ڪندي انهن نون منصوبن کي شامل ڪرڻ جي هدايت ڪئي، جن سان ملڪ اندر وڌ کان وڌ عوامي معاشي سرگرمين ۾ اضافو ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿي سگهن، وزيراعظم اجلاس ۾ پيش ڪيل تجويزن جي روشني ۾ هدايتون جاري ڪندي ايندڙ اجلاس ۾ ترقياتي پروگرام کي حتمي صورت ڏئي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.