ڪراچي: صوبائي وزير سعيد غني ڊينگي بخار ۾ مبتلا، دعا جي اپيل

0
456

ڪراچي (رپورٽر) صوبائي وزير سعيد غني ڊينگي بخار ۾ مبتلا ٿي ويو، ترجمان موجب، صوبائي وزير سعيد غني کي بخار، مٿي ۽ جسم ۾ سور آهي، صوبائي وزير سعيد غني پنهنجي سمورن دوستن، چاهيندڙ ۽ ٻين کان فون ۽ مئسجز جو جواب نه ٿيڻ تي معذرت ڪندي صحتيابي لاءِ دعا جي اپيل ڪئي آهي.