جڙتو مقابلي ۾ ماريل شهزادا چانڊيو واري واقعي خلاف لاڙڪاڻي ۾ احتجاج

0
191

لاڙڪاڻو (رپورٽر) ڪراچيءَ ۾ ٻه ڏينهن اڳ جڙتو مقابلي ۾ قتل ڪيل شهدادڪوٽ واسي نوجوان شهزادا چانڊيو واري واقعي خلاف چانڊيا اتحاد پاڪستان جي سڏ تي امن ڪاميٽي لاڙڪاڻو ۽ بئريسٽر ٽيم لاڙڪاڻو پريس ڪلب اڳيان جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ڪراچي ۾ شريف آباد ٿاڻي جي پوليس ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي نوجوان شهزاد چانڊيو کي 12 گوليون هڻي بيدردي سان قتل ڪيو، چيف جسٽس سنڌ ۽ آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيون ٿا ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي.